سيوهڻ: ڀٽو محلي جي ڊرينيج نالي جي مرمت منظور ” پروفيسر ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جي ٽن سالن جي مسلسل جدوجهد رنگ لاتو آ

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي)سيوهڻ شريف جي ڀٽو محلا جي هر بنيادي مسئلي جي حل لاء پاڻ پتوڙيندڙ  پروفيسر ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جي مسلسل ۽ اڻ ٿڪ محنت کان پوء ڀٽو محلا سيوھڻ ۾ ڊرنيج نالي جي صفائي ۽ مرمت جي منظوري ٿي ويئي،

ان حوالي سان  پروفيسر ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو ڊرنيج نالي جي بحالي لاء پنهنجي سموري ڪيل جدوجهد جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته منهنجي مسلسل ٽن سالن جي جدوجهد کان پوء ڊرنيج نالي جي صفائي ۽ مرمت جو ڪم شروع ٿي رهيو آهي،ڊرنيج نالي جي صفائي ۽ مرمت جي ڪري  رهواسي برساتن ۾ محفوظ رهي سگهندا، ۽ برسات جو يا ڊرنيج جو پاڻي سندن گهرن ۾ داخل نه ٿي سگهندو،

 پروفيسر محمد الياس ڀٽو چيو تہ اسان جو ڀٽو محلو ھڪ پراڻو محلو آھي، جيڪو ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جو وارڊ آھي، پر ھن محلي ۾ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ھڪ پراڻو نالو ٺھيل آھي، جنھن جي ٺھڻ کي ڪيترو عرصو ٿي ويو آھي، پر ان نالي جي ڪڏھن بہ مرمت نه ڪرائي ويئي ھئي،

 منھنجي ڪوشش سان ھاڻي ھن ڀٽا محله سيوھڻ جي مين نالي جي مرمت منظور ٿي ويئي آھي، ھن نالي جي مرمت ٿيئڻ کانپوء اسان جي محلي جي رھواسين کي برسات جي موسم ۾ ڪابه تڪليف نه ايندي، جڏھن ته ھن نالي جي مرمت جي ڪم ڪرڻ لاء ٺيڪيدار طرفان نالي جي صفائي جو ڪم پڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو