سيوهڻ: معذور نياڻي سان زيادتي جو واقعو : مک جوابدار ۽ سهولتڪار گرفتار، ايس ايس پي ڄامشورو جو نوٽيس، پوليس طرفان ڪاروائي شروع
سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ شھر ۾ ويھ سالا معذور نياڻي سان زيادتي ڪندڙ ۽ سهولتڪار بگهڙن کي سيوهڻ پوليس ڱرفتار ڪري ورتو، ڪالھ کان وٺي پرنٽ ميڊيا ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي مسلسل خبرن هلڻ کانپوء ايس ايس پي ڄامشورو معذور نياڻي سان ٿيل واقعي جو سخت نوٽيس ورتو،
جنھن کان پوء سيوھڻ پوليس جي ڪارروائي شروع ٿي، تفصيل موجب سيوهڻ شھر جي 20 سالن جي معذور نياڻي سان جنسي زيادتي ڪئي ويئي،
ھن معذور نياڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار ۽ ان جي سهولتڪار مک جوابدار کي سيوھڻ پوليس گرفتار ڪيو، سيوهڻ پوليس معذور ڇوڪري بختاور لاشاري سان جنسي زيادتي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو،
ان ڪيس ۾ گهربل جوابدار معذور ڇوڪري بختاور سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي سهولتڪار احمد ماڇي ۽ زيادتي ڪندڙ مک جوابدار علي رضا مڪراني کي گرفتار ڪيو ويو،جڏهن ته ايس ايڇ او سيوهڻ ذالفقار علي اوڍاڻو چيو ته معذور ڇوڪري تي جنسي زيادتي جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي،
اسان وارثن کي هر طرح سان قانوني مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جوابدارن کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ۽ متاثر ٿيندڙ نياڻي ۽ ان جي فيملي کي انصاف ڏيارينداسين.
مَي 15, 2025