دادو: گورنمينٽ گرلس اسڪول جگت آباد ۾ گرمي جي سٽ نه سهندي شاگرد بيهوش، والدين ۾ بيچيني، انتظاميا کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو گورنمينٽ گرلس اسڪول جگت آباد دادو ۾ افسوسناڪ واقعو رپورٽ ٿيو آهي، جتي شديد گرميءَ سبب هڪ نينگر بيهوش ٿي پيو.  والدين موجب  اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آهي، جيڪا  ٻارڙن جي صحت لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي،

 ذريعن موجب اسڪول ۾ پاڻيءَ لاءِ موٽر ته    لڳل آهي، پر اهو     هلڻ کان قاصر آهي، جنهن سبب ٻارڙا    پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن نه بجلي موجود آهي نه سولر سسٽم جنهن ڪري ڪلاسن جا ڪمرا گرم تنور بڻجي ويا آهن، بيهوش ٿيل نينگر کي مقامي ماڻهن فوري طور ويجهي خانگي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد فراهم ڪئي وئي،

هاڻي شاگرد خطري کان ٻاهر آهي، مقامي استادن، والدين ۽ سماجي اڳواڻن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول ۾ فوري طور تي ٿڌو پاڻي، سولر سسٽم بجلي ۽ ٻيون ضروري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو کان اپيل ڪئي وئي آهي ته هو فوري نوٽيس وٺي اسڪول جي حالت جو جائزو وٺن، ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت جاري ڪن ته ٻارن جي تحفظ لاءِ لازمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن خلق خدمت آرگنائيزيشن جي ميڊم روزينا جتوئي چيو ته “ٻارن جي تعليم محفوظ ماحول کان سواءِ ممڪن ناهي،

هر اسڪول ۾ بنيادي سهولتون هئڻ گهرجن. اسان حڪومت کان نه رڳو مطالبو، پر اپيل ڪريون ٿا ته انسانيت جي بنياد تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.”والدين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انتظاميا وقت سر قدم نه کنيا ته شاگردن جي زندگين کي خطرو ٿي سگهي ٿو، ۽ اهڙا واقعا بار بار ورجائجڻ جو انديشو آهي.

مَي 15, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو