دادو: سيد حاڪم علي شاه بخاري جي چوٿين ورسي ملهائي وئي – سرڪاري سطح تي ايوارڊ ۽ آڊيٽوريم جي تختي لڳائڻ جو مطالبو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو پاران سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم اديب، دانشور ۽ ناليواري آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاه بخاري جي چوٿين ورسي روميسا آرٽ گيلري ۾ زيرِ صدارت سيد خالد حسين بخاري جي ملهائي وئي، مهمانِ خاص ڊاڪٽر الطاف بخاري ۽ اعزازي مهمان ناميارو آرٽسٽ غلام قادر لاشاري ۽ قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ يعقوب پنهور شامل هئا،
تقريب جي شروعات صوفي غلام مصطفىٰ لطيف سائينءَ جي وائيءَ سان ڪئي، آجياڻو خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو جي سيڪريٽري سجاد يوسف چيو تہ سيد حاڪم علي شاھ سنڌ جي قديم آثارن جي بي لوث بنا ڪنهن معاوضي جي خدمت ڪئي مگر افسوس جو ثقافت کاتي چئن سالن ۾ ڪڏهن بہ کيس ياد نہ ڪيو آهي،
تابش بخاري چيو تہ سيد حاڪم علي شاھ جو ديانتداريءَ ۾ ڪٿي بہ مثال نٿو ملي جو هن پنهنجي سروس دوران بہ 19 گريٽ ۾ رهي ڪري بہ ڪڏهن هن ڪرپشن جو نہ سوچيو، مهمان خاص ڊاڪٽر سيد الطاف بخاري چيو تہ سائينءَ عمر ڪوٽ قلعي جي مرمت پنهنجن هٿن سان ڪرائي ان جي عشق کي شاباس جو هن ان دوران ڪيل خدمتن جو بہ سرڪار کان معاوضو نہ ورتو، محمد يعقوب پنهور چيو تہ سائين حاڪم علي بخاري سنڌي توڙي انگريزي ٻوليءَ ۾ ايڏي مهارت رکندو هئو جو سندس مقالا ٻاهرين ملڪن جي رسالن ۾ ڇپبا هئا،
صدارتي خطاب ڪندي سيد خالد بخاري چيو تہ بابا مثالي انسان هئو هو هڪ بهترين پيءُ هيو، هو بهترين موسيقار پڻ هيو استاد بخاري سان گڏ هن ڪيتريون ئي ڌنون ترتيب ڏنيون، هن تقريب کي خطاب ڪندي سرڪار کان هڪ مطالبو ڪيو تہ سائينءَ جو ڪنهن وڏي پئماني تي سرڪار طرفان پروگرام ٿيڻ کپي هن اهو بہ چيو تہ دادو ۾ سيد حاڪم علي بخاري جي نالي سان آڊيٽوريم ٺهيل آهي
ليڪن ان تي ڪنهن بہ قسم جي نه ڪا تختي لڳل آهي نہ ڪو نالو لکيل آهن تنهن ڪري باقائدگي سان ان آڊيٽوريم تي سرڪاري تختي لڳڻ کپي، تقريب ۾ قومي ۽ مذاهمتي شاعر عاشق دادوي، نور محمد سومرو، علي گوهر سومرو، نثار سومرو، نظير نياز جويو، لالا عبدالستار قريشي، ظمير ڪوريجو، محمد بخش ڪورائي، راهب جمالي، آسي بدر چنہ، غلام سرور شيخ، اميد سنڌي، جاويد اقبال ڳورڙ، امجد قمبراڻي، مهتاب چارڻ، عبدالجبار ڀٽو، مير منظور جويو، غلام نبي لاشاري ۽ ٻين شهر جي سياسي، سماجي، علمي ادبي شخصيتن شرڪت ڪئي.
مَي 15, 2025