ايئر وائس مارشل اورنگزيب پاڪستان ۾ گوگل تي سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪئي ويندڙ شخصيت بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايئر فورس جو ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد تازو پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سرچ ڪئي ويندڙ شخصيت بڻجي ويو.
گوگل ٽرينڊز موجب 12 مئي جي رات ٻي وڳي Aurangzeb نالي جي ڳولا بلند ترين سطح تي پهچي گذريل هفتي جي ٽاپ پوائنٽ حاصل ڪئي، ايئر وائس مارشل جو مخصوص انداز سندس مقبوليت جو سبب بڻيو.
اورنگزيب احمد ان وقت سوشل ميڊيا تي گفتگو جو موضوع بڻيو، جڏهن هن نيوز بريفنگ دوران دلچسپ انداز ۾ گفتگو ڪئي، واهپيدارن کي سندس انداز ڏاڍو وڻيو.