”9 مئي تي جنهن ايئر فورس جي جهازن کي ساڙيو ويو، ان ئي رافيل جهاز ڪيرايا“

Spread the love

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته 9 مئي تي جنهن ايئر فورس جا جهاز ساڙيا ويا، ساڳئي ايئر فورس رافيل جهاز ڪيرايا، نواز شريف جو اهو جملو ياد رکڻ گهرجي ته اسين 9 مئي وارا نه، 28 مئي ۽ 10 مئي وارا آهيون.فيصل آباد ۾ هونها ر اسڪالرشپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڄ سڄي پاڪستان جو ڳاٽ اوچتو آهي، اسين پاڻ کان وڏي دشمن کي گڏجي شڪست ڏني.هن چيو ته جنهن طريقي سان اسين ڪامياب ٿياسين، ان سان اسان جو مستقبل محفوظ ٿيو، 9 مئي تي جن جهازن کي ساڙيو ويو، انهن ئي دشمن جا رافيل جهاز ڪيرايا، نواز شريف جو جملو ياد رکڻ گهرجي ته اسين 9 مئي وارا نه، 28 مئي ۽ 10 مئي وارا آهيون.سندس چوڻ هو دشمن ملڪ اک کڻي ان ڪري نه ٿو ڏسي، ڇو ته ان کي خبر آهي ته پاڪستان هڪ نيوڪليئر ملڪ آهي، 28 مئي 1998 تي اسين ڀارت سان مقابلو کٽيو هو ۽ 10 مئي 2025 تي به اسين ڀارت کي 0-6 سان شڪست ڏني آهي.

مَي 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو