16 مئي کان تيل اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪ

16 مئي کان تيل اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 مئي کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه لهڻ ۽ پيٽرول تي درآمدي پريميم ۾ معمولي گهٽتائي سبب تيل اگهه گهٽجي سگهن ٿا.
پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ تربيت وار 3.5 ۽ 7 رپيا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده ٽيڪس جي شرح جي بنياد تي 15 مئي تي ٿيندڙ حتمي حساب سان پيٽرول جي ايڪس ڊپو قيمت ۾ تقريبن 3.5 رپيا لاٿ جو ڪاٿو آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي.
پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي جو ڪاٿو گذريل ٻن هفتن دوران پيٽرول جي عالمي قيمت ۾ تقريبن 1.5 ڊالر في بيرل ۽ ڊيزل ۾ تقريبن 3 ڊالر في بيرل گهٽتائي سان لڳايو ويو.
ايڪس ڊپو پيٽرول جي موجوده قيمت 252.63 رپيا في ليٽر آهي.