پ پ جي قافلي ڀرسان ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ پ پ ايم پي اي علي مدد جتڪ جي قافلي ڀرسان ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.پوليس موجب سرياب روڊ تي پ پ ايم پي اي علي مدد جتڪ جي قافلي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر محفوظ رهيو، جڏهن ته هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو.پوليس ٻڌايو ته ڀارت خلاف پاڪستان جي فتح جو جشن ملهائڻ لاءِ هاڪي گرائونڊ ۾ تقريب رٿي وئي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ علي مدد جتڪ ريلي جي صورت ۾ اچي رهيو هو.
مَي 14, 2025