پاڪستان ۽ روس جو ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ روس گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو.پاڪستان ۽ روس ڪراچي ۾ اسٽيل ملز جي نئين منصوبي جي شروعات لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.اها اڳڀرائي وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر ۽ روسي نمائندي ڊينس نذروف جي ملاقات دوران ٿي.ملاقات ۾ هارون خان اسٽيل سيڪٽر ۾ سهڪار جي گڏيل فائدن تي زور ڏنو ۽ روسي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني.هارون اختر جو چوڻ هو ته روسي اختيارين پاڪستان کي خاطري ڪرائي آهي ته سندن ملڪ ڪراچي ۾ اسٽيل مل جي تعمير لاءِ پورو عزم رکي ٿو.روسي وفد پاڪستان کي ماسڪو ۾ ٿيندڙ صنعتي ۽ واپاري نمائش ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، خاص مددگار چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي هڪ مضبوط ۽ سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ملڪ آهي.
مَي 14, 2025