پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ٻه ڪروڙ ڊالر جي قسط ملي وئي

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کي هڪ ارب ٻه ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ رقم جي قسط ملي وئي آهي، جيڪا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي منتقل ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، اها رقم آءِ ايم ايف جي ايڪسٽنڊڊ فنڊ فيسليٽي (اي ايف ايف) پروگرام تحت ملي آهي، جيڪا 16 مئي تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران پاڪستان جي مٽا سٽا ناڻي جي ذخيري ۾ شامل ڪئي ويندي.
ياد رهي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽيو بورڊ طرفان 9 مئي تي ڄاڻايل رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.

مَي 14, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو