ڀارت وٽ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي صلاحيت ئي ناهي: عطا تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارت وٽ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي صلاحيت ناهي ۽ نه ئي ڀارت هن هنيئر تائين پاڪستان جو پاڻي روڪيو آهي.
برطانوي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ عطا تارڙ چيو ته پاڪستان جي فتح روشن صاف ۽ واضح آهي ۽ جنگبندي پاڪستان جي ڪمزوري نه پر حڪمت عملي جي ڪاميابي آهي.
هن چيو ته ڀارت وٽ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي صلاحيت ناهي ۽ نه ئي ڀارت هن وقت تائين پاڪستان جو پاڻي روڪيو آهي، پاڻي جي فراهمي معمول موجب جاري آهي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڀارت جا نقصان سڀني جي سامهون آهن، ڀارت وڌيڪ ڇڪتاڻ برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو.