ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Spread the love

ڪيپ ٽائون/ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا پنهنجي، پنهنجي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو .
ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل 11 جون کان 15 جون تائين تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيو ويندو، جتي آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا جي قيادت ٽيمبا باووما ڪندو، جڏهن ته ٽوني ڊي زورزي، ايڊن مارڪرم، ريان ريڪلٽن، ٽرسٽين اسٽبز، ڊيڊ بيڊنگهام، مائيڪ وِرين، ويان مولڊر، سِينوران مٿوسامي ۽ ڪيشو مهاراج اسڪواڊ جو حصو آهن.
ان کانسواءِ مارڪو يانسين، ڪاربرن بوش، ڪگيسو ربادا، لونگي نيگيد ۽ ڊين پيٽرن به ٽيم ۾ شامل آهن.
ٻئي پاسي آسٽريليا جي ٽيم جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪندو، جڏهن ته آل رائونڊر ڪيمرون گرين جي ڊگهي عرصي کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
اسڪواڊ ۾ ته اسٽيو سمٿ، الڪس ڪيئرِي، ٽريوس هيڊ، جوش اِنگلس، عثمان خواجه، سيم ڪونسٽانس، ميٽ ڪوهنيمن ۽ مارنوس لبوشين شامل آهن.
ان کانسواءِ اسڪاٽ بولينڊ، نيٿن ليون، مچل اسٽارڪ، جوش هيزل وُوڊ به ۽ بيئو وئبسٽر به فائنل لاءِ اعلانيل ٽيم جو حصو آهن
ڪرڪٽ آسٽريليا موجب، ڏکڻ آفريڪا خلاف فائنل کان پوءِ ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ به ساڳيو 15 رڪني اسڪواڊ برقرار رهندو، جتي ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز جو پهريون ٽيسٽ 25 جون تي برج ٽائون ۾ شروع ٿيندي.

مَي 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو