موديءَ جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، هاڻ فيصلو ڀارتي عوام ڪندو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم مودي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، هاڻي فيصلو ڀارتي عوام ڪندو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر تنقيد جو طوفان آيل آهي، هاڻي شيون ايترو ته پکڙجي ويون آهن جو هو سنڀالي نه سگهندو، مودي جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، هاڻي فيصلو ڀارتي عوام ڪندو.
هن چيو ته ايندڙ ڪنهن به ٻه طرفي يا عالمي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٽي نقطا دهشتگردي، ڪشمير جو مسئلو ۽ پاڻي جو مسئلو ضرور شامل هجڻ گهرجن.
خواجا آصف واضح ڪيو ته ڪشمير جو مسئلو پاڪستان جو بنيادي موقف آهي ۽ ڪنهن به ڳالهين ۾ ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڀارت پاڻي جي مسئلي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ طاس معاهدو عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي ۽ ان کي هٿ نٿو لڳائي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان 25 سالن کان دهشتگردي جو نشانو بڻيل آهي پر الزام ابتو پاڪستان تي مڙهيا پيا وڃن، وزيراعظم پاڻ دهشتگردي جي واقعن تي اڻ ڌري جاچ جي آڇ ڪئي، اسان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي نقصان کي عالمي سطح تي مڃرائڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون ۽ دنيا کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته دهشتگردي جو اصل چهرو ڪير آهي، ڀارت پاڻ ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، اهو عالمي دهشتگرد رياست بڻجي چڪو آهي ۽ عالمي برادري کي هاڻي اها حقيقت مڃڻي پوندي.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي مفادن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو.