سڪرنڊ: نوابزاده مير نادر خان مگسي جو مختلف ڳوٺن ۾ پروگرامن ۾ شرڪت، تعزيت ۽ برادري ۾ امن ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ جي اپيل
سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم.پي اي نوابزاده مير نادر خان مگسي ضلع شهيد بينظيرآباد ۽ ضلع سانگهڙ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي الڳ الڳ پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ مانجهادي ۽ چانھ پارٽي سميت عذرخواهيون پڻ شامل هيون
ساڻس گڏ مگسي برادريءَ جون معزز شخصيتون حاجي منير احمد مگسي ۽ گل محمد عرف گلڻ مگسي پڻ هئا نوابزاده مير نادر مگسي ڳوٺ شفيع محمد مگسي ۾ مرحوم رئيس بگو خان مگسي جي وفات تي سندس ڀائرن حسين مگسي ۽ ڪامريڊ رياض مگسي سان تعزيت ڪئي
جڏهن ته ايم.اين اي سيد مير غلام مصطفيٰ شاھ سان پڻ سندس پڦيءَ جي وفات تي تعزيت ڪئي ان کان اڳ مير نادر خان مگسي عباس علي مگسي جي چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد ڳوٺ غلام مصطفيٰ مگسي ۾ رئيس زمان خان مگسي پاران سندس مان ۾ مانجهاندي جو اهتمام ڪيو ويو
جنهن ۾ مگسي برادريءَ جي معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي ان دوران برادريءَ جي مختلت ڳوٺن ۾ ٿيل جهيڙن ، خونن ۽ روسامن تي پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ڌرين کي مطمئن ڪرڻ بعد فيصلن واري پاسي اچڻ جون هدايتون ڏنيون نوابزاده مير نادر خان مگسي پنهنجي برادري سان ڳالهائيندي چيو ته سهپ ۽ رواداري کي زندگيءَ جو حصو بڻايو چڙ ۽ ڪاوڙ کي ڇڏي ڏيو جن به ڪاوڙون ڪيون ۽ انا پرستي ڪئي انهن سدائين نقصان کاڌا آهن
ان ڪري برادري ته ڇا پر پاڙي وارن سميت ٻين برادرين سان پڻ محبت ۽ حسن سلوڪ وارو ڪردار نڀايو ته جيئن ماڻھو اوهان جو مثال ڏين هن وڌيڪ چيو ته ٻين ڪاڻ جيئڻ سکو جيڪڏھن ڪو اوهان سان نا انصافي ڪري ٿو ته ان تي انتهائي قدم کڻڻ بجاءِ ڪنهن چڱي مٺي کي دانهن يا قانون جو سهارو وٺڻ گهرجي
قانون کي پاڻ ھٿ ۾ کڻڻ سان جتي جاني نقصان ٿين ٿا اتي ايندڙ نسل پڻ ان نقصان جا نتيجا ڀوڳي ٿو جنهن تي نادر خان مگسي پاران ڏنل هدايتن تي برادري پاران کيس يقين ڏياريو ويو ته آئنده هو ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا .
مَي 13, 2025