سڪرنڊ: قومي شاهراھ تي ٽرالرن جي ٽڪر ۾ ڊرائيور جي وفات، زخمي هيلپر اسپتال منتقل، ٽرالر ڊرائيور فرار، پوليس ڪارروائي ۾ مصروف

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ:  راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ کان لڳ.ڀڳ چار ڪلو ميٽر پري قومي شاهراھ تي چوٿون ميل اسٽاپ وٽ هڪ ٽرالر ٻئي ٽرالر کي اوور ٽيڪ ڪندي ٽڪرائجي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو ٽرالر ڊرائيور رشيد احمد ولد عبدالغفور ڪونڌر ويٺل صادق آباد پنجاب فوت ٿي ويو جڏھن ته ٽرالر هيلپر ( ڪلينڊر ) سخت ٿي پيو

واقعي جو اطلاع ملندي ئي همدرد فري ايمبولينس سروس جي ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهڇي لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچايو جتي زخمي کي ڊاڪٽرن پاران ڳڻتيءَ جوڳو قرار ڏنو ويو جنهن بعد همدرد ذريعي کيس نوابشاھ نيو ويو واقعي بعد ٽڪر هڻندڙ ٽرالر ڊرائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو

هوڏانهن پوليس ٻئي ٽرالر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن جڏھن ته لاش جي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد وارثن جي انتظار ۾ تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ رکيل آهي.

مَي 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو