سرحدي محاذ تي منهن ڀر ڪرڻ کانپوءِ مودي سرڪار پاڪستاني فنڪارن خلاف ڪِريل حرڪتن تي لهي آئي

ڪراچي/ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هاڻ فلمي صنعت تي به اثر انداز ٿيڻ لڳي آهي،هي سلسلو ڀارتي حڪومت طرفان پاڪستاني فنڪارن خلاف قدمن ۾ پاڪستاني فنڪارن پاران ڀارت جي پاڪستان تي بزدلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت کانپوءِ تيزي آئي آهي.
ان جي ردعمل طور ڀارتي حڪومت نه رڳو پاڪستاني اداڪارن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪرڻ شروع ڪيا، پر هاڻي ڀارتي فلمي ميوزڪ ڪمپنين به ڄاڻايل فنڪارن کي پنهنجن البم ڪورز تان هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ماهرا خان ۽ ماورا حسين جون تصويرون البمز تان هٽايون ويون
پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان ۽ ماورا حسين، جن بالي ووڊ فلم ’رئيس‘ ۽ ’صنم تيري قسم‘ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو هو، هاڻ سندن تصويرون فلم جي ميوزڪ البمز مان هٽايو ويو آهي.
فلم ’صنم تيري قسم‘ جي ميوزڪ البم جي ڪور تان ماورا حسين کي هٽائي رڳو هرش ورڌن راني جي تصوير رکي وئي آهي، جڏهن فلم جي پروڊيوسر ديپڪ مڪوت کان هن فيصلي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته هن اڻڄائي جو اظهار ڪندي چيو ته ” مون کان پڇيو ئي ناهي ويو، حڪومت جيڪو چوندي، اهو سڀني کي مڃڻو پوندو.“
ان کانسواءِ، شاهه رخ خان ۽ ماهرا خان جي فلم ’رئيس‘ جي يوٽيوب ۽ اسپوٽيفاءِ ميوزڪ البم تان به ماهرا جي تصوير هٽائي وئي آهي ۽ هاڻ رڳو شاهه رخ خان ئي نظر اچي ٿو.
فواد خان جي فلم ’خوبصورت‘ جي البم تي سندس تصوير اڃا تائين موجود آهي
حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته سونم ڪپور ۽ فواد خان جي فلم ’خوبصورت‘ جي البم ۾ في الحال ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.
هي سڀ ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ان تنگ نظري ۽ سياسي دٻاءُ جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي فن ۽ فنڪار سرحدن جي سياست کان محفوظ نه رهيا آهن.