دادو: ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضيٰ علي جو نيو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) نيو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضیٰ علي دورو ڪيو، دوري دوران سيد مرتضيٰ علي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته لمس انٿظاميه بلخصوص وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ ۽ سول سرجن ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي ۽ ان جي ٽيم تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي،
هن چيو ته هي منهنجو پهريون وزٽ آهي پر اسپتال جون سهولتون ڏسي مان پاڻ حيران ٿي ويو آهيان جتي ڊائلاسيز وارڊ، ٻارن جو وارڊ خاص طور جنهن ۾ نرسري ڏسي دل کي ڏاڍي خوشي ٿي هتي سي ٽي اسڪين مشين، گائيني وارڊ، ايمرجنسي وارڊ ۽ آءِ سي يو وارڊ ڏسي ائين لڳو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اسپتال گهمي رهيو آهيان،
دوري دوران ايم ايس ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي کي شاباش ڏني ۽ چيو ته مان ڊي سي اوهان سان هر وقت گڏ آهيان ۽ گڏجي ڪري هن اسپتال ۾ وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون هتي ٻارن جي وارڊ ۾ اڪيو بيٽرس پڻ موجود هئا جتي ٻين شهرن جهڙوڪ نوشهرو فيروز جا ٻارڙا داخل هئا،
ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد بخش بلوچ، ڊاڪٽر طاهرا آريجو، ڊاڪٽر احسان پنهور، ڊاڪٽر صغران ملاح، ڊاڪٽر الله بخش ڪوريجو، ڊاڪٽر امان الله پنھور، ڊاڪٽر واجد ڪانڌڙو، ڊاڪٽر اظهر نواز عباسي ۽ ٻيا موجود هئا،
مَي 13, 2025