دادو: ميونسپل چيئرمين پير دانش علي پاران مختلف برادرين سان تعزيتون، قل پڙهي مغفرت جون دعائون، ورڪرن ۽ سپورٽرن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين پيردانش علي جون مختلف برادرين سان تعزيتون:. چيئرمين پير دانش علي ڦلجي شهر پھچي پيپلزپارٽي جي سينئر ورڪر ۽ واپاري اڳواڻ چاچا قمرالدين جهتيال جي وفات تي سندس وارثن سان قل پڙهي تعزيت ڪئي،

دعاء مغفرت گهري ﷲ پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي، ٻئي طرف چيئرمين پيردانش علي ڳوٺ نبي بخش سولنگي پھچي عبدالوحيد سولنگي جي ڀاءُ جي وفات تي ساڻس قل شريف پڙھي دعا گھري تعزيت ڪئي،

ان موقعي تي وائيس چيئرمين خالد حسين ميراڻي،فوڪل پرسن حاجي لياقت سومرو، اسٽاف آفيسر شهمير خان چهواڻ،ڪائونسلر حاجي لائق سولنگي، رياض احمد ڏاوڇ، وڪيل ڪوڙا خان ميمڻ، محمد عالم ميمڻ، پي اي محمد اسلم چهواڻ، جانشير خان چهواڻ،پير سني، پرويز ڪوريجو سميت ورڪر، سپورٽر موجود هئا، هوڏانهن چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو پيردانش علي ڳوٺ وڏيون مناهيون پهچي ميونسپل سي ايم او جاويد احمد راهپوٽو، مختيار احمد راهپوٽو، محمد قاسم راهپوٽو جي چاچي باقر علي راهپوٽو جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي

مَي 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو