دادو: انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر، پورهيت امام بخش چانڊيو سخت زخمي، اسپتال منتقل، ڊرائيور پاران خرچ ڏيڻ جي پيشڪش رد
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ شهيد مخدوم بلاول پوليس جي حد دوداڻي شاخ انڊس ھاءِ وي روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ دادو شھر جي موندر ناڪي جو رھواسي پورھيت امام بخش چانڊيو ولد محمد عثمان چانڊيو شديد زخمي ٿي پيو کيس ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، سندس ٽنگ 2 اڌ ٿي وئي
ڪار مالڪ زخمي کي کڻي اسپتال پھچائي ٽي ھزار خرچ ڏيڻ لاءِ ڏنا پر زخمي ۽ ان جي وارثن منظور چانڊيو ڊرائيور کان پيسا نه ورتا جڏهن ته زخمي کي دادو کان سيوھڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي.
مَي 13, 2025