اسلام ڪوٽ: ڀارتي جارحيت جي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مهراج برادري پاران شاندار ريلي

Spread the love

اسلام ڪوٽ (احمدعلي ساڻگي )ڀارتي فوج جي جارحيت جي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مهراج برادري جي پاران رات جي وقت ريلي،پاڪ فوج زنده باد،پاڪستان زنده باد جي نعريبازي،مهراج برادري پاران،لال شرما،اشوڪ،مرچو،ساگر،ڪشور شرما جي اڳواڻي ۾ ڪڍيل ريلي ۾ ٽآئون چئرمين ڪمليش ڪمار،واپاري اڳواڻ ڪلديپ،گهنشامداس،مفتي رفيق امين سميت سوين مهراج برادري جي ماڻهن ۽ شهرين جي شرڪت ڪئي.

نوجوانن پاران قومي نغمن تي جهمريون هنيون ويون،ريلي دعا ميڊيڪل اسٽور کان شروع ٿي باء پاس روڊ تي رينجرس چيڪ  پوسٽ وٽ پهتي ته موجود موجود جوانن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ  سميت مٺائي کارائي خوشي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو

 بعد ۾ ريلي واپس سٽي گيٽ هوٽل وٽ پهتي جتي  ايئر فورس ۽  رينجرس جي جوانن کان واپاري اڳواڻ ڪلديپ پاران  ڪيڪ ڪٽرائي سندن مٿان گل نڇاور ڪيا ويا ۽ ٿر جي ثقافت لوئي اوڍايون ويون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو،ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪ فوج جي جوانن بهادري سان مقابلو ڪري  منهن ٽوڙ جواب ڏيئي دشمن کي گوڏا ٽيڪڻ تي مجبور ڪيو ۽ بهادر فوج  پاڪستاني عوام جو فخر سان ڳاٽ اوچو ڪيو آهي  اسان هر جوان کي سلام پيش ڪريون ٿا

پاڪستاني  سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي،ريلي دوران شريڪ ماڻهن پاران ايئر فورس جي جوانن تي گل نڇاور ڪرڻ سميت هٿ چمي نغمن تي جهمريون هڻي   محبت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

مَي 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو