ڀارت سان ڳالهيون ٿيون ته پاڻي، دهشتگردي ۽ ڪشمير تي ٿينديون: خواجا آصف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون ته اهي ڪشمير، دهشتگردي ۽ پاڻي بابت هونديون، جڏهن ته ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن لاءِ هي هڪ سونهري موقعو آهي.
نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ٽي اهم نقطا آهن: ڪشمير، دهشتگردي ۽ پاڻي. هي ٽي مسئلا آهن، جيڪي گذريل 76 سالن کان ٻنهي ملڪن جي تاريخ جو حصو رهيا آهن. انهن تي بحث ٿيڻ گهرجي. پاڪستان دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار رهيو آهي. هي هڪ سونهري موقعو آهي ته ٻنهي ملڪن کي دهشتگردي جو مسئلو گڏجي حل ڪرڻ گهرجي. ڪشمير جي حل لاءِ به هي هڪ اهم موقعو آهي. ٽرمپ به ڪشمير تي ڳالهائي اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو به بحث جو حصو هجڻ گهرجي.
خواجا آصف چيو ته سڀ جنگيون ڪشمير تي ٿيون آهن، تازو ٿيل جنگ به ڪشمير جي ڪري هئي. مودي هن علائقي کي دوزخ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر الله پاڪ بچايو. اسان جون فوجون هڪ رُڪ جي ڀت جيان سامهون بيٺيون. هاڻ انهن مسئلن جو حل نڪرڻ گهرجي.
بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪو ملڪ پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي، ان تي الزام لڳائي حملا ڪرڻ ظلم آهي. پاڻي جو مسئلو 1960ع جي معاهدي ۾ طئي ٿي چڪو آهي، ان کي معطل ڪرڻ جي ڪا گنجائش ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جيڪا جوابي ڪارروائي ڪئي، ان مان اسان جي تياريءَ جو ثبوت ملي ٿو. اسان جيڪو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ان سان هو زخمي ٿي پيا آهن. انهن جي پارليامينٽ ۾ مودي کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، سندن ميڊيا ۽ فوجي بريفنگن ۾ به ان جو اظهار ملي ٿو. هي اسان جي سفارتي فتح آهي. ڀارت سان رڳو اسرائيل بيٺو آهي، ٻي دنيا پاڪستان جي ساٿ ۾ بيٺي آهي. ڀارت ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي ته سڄي دنيا پاڪستان سان گڏ بيهندي. پاڪستان صبر ۽ فوجي طاقت سان پنهنجو موقف مڃرايو آهي. 76 سالن جي تاريخ ۾ پاڪستان کي اهڙي وڏي ڪاميابي نه ملي آهي، جيڪا هن ڀيري اسان جي فوجن حاصل ڪئي آهي.
مَي 12, 2025