پاڪ ‐ ڀارت روايتي جنگ ۾ طاقت جو نئون توازن مستقبل ۾ ڇڪتاڻ کي روڪيندو ؟
عباس ناصر
پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ هوائي لڙائي ۽ ميزائل حملن جي ڪري ڇڪتاڻ جاري ھئي تھ ايتري ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ پيو ۽ پنهنجي ٽروٿ سوشل پليٽ فارم تان اعلان ڪيو ته ڏکڻ ايشيائي ايٽمي پاڙيسري آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ “مڪمل ۽ فوري” جنگ بندي تي اتفاق ڪري ورتو آھي.ٽرمپ جي اعلان بعد ڪجهه ڪلاڪ بعد ڪجھھ منٽ اڳ تائين هندستان طرفان پاڪستان ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي ميزائل فائر ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ ھندستان جي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو.ان سموري اڳڀرائي کانپوءِ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي اچڻ جا خدشا وڌي رهيا هئا.
هڪ اهڙي وقت جڏهن صورتحال انتهائي نازڪ موڙ تي هئي، تڏھن هڪ ڳالهه يقيني هئي تھ هندستان هاڻي هڪ نئون معمول بڻائي ڇڏڻ چاھي ٿو تھ هو جڏهن چاهي ڪشمير ۾ پنھنجي سلامتي ۽ انٽيليجنس ناڪامي تي پاڪستان مٿان الزام مڙھي، ان علائقي تي حملو ڪندو.هن هفتي جي شروعات ۾ پاڪستان تي ميزائل حملي کان پوءِ بي وي آر ( بصري حد کان ٻاھر هٿيارن سان فضائي لڙائي ۾ ڪيرايل پنجن هندستاني جنگي جهازن مان ٻه يا ٽي فرانس جا ٺاهيل رافيل جهاز پڻ هئا.
اهم ڳالهه اها آهي ته هر رافيل جهاز جي قيمت 250 ملين ڊالر کان وڌيڪ آهي. هن جديد ترين جهاز جو مقصد جنگي طاقت ۾ اضافوآهي، پر اهو پنهنجي طاقت ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو ڇاڪاڻ ته ان کي پاڪستان ايئر فورس جي هٿيارن جي نظام شاندار مھارت ۽ موثر طريقي سان ناڪاره بڻائي ڇڏيو ھو.جھاز ڪيرائڻ جي پاڪستان ايئر فورس جي مهارت دفاعي ۽ جديد هوائي جنگي ماهرن کي گھڻو حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.عالمي ميڊيا تي ھڪ سرسري نظر خاص طور تي دفاع سان لاڳاپيل اشاعتن/ويب سائيٽس، ان دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستان ايئر فورس ڪيئن چين پاران فراهم ڪيل فوجي اثاثن کي خطرناڪ طريقي سان استعمال ڪيو.
شايد هندستان کي جنھن ناڪامي کي منھن ڏيڻو پيو، ان ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي عمل کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو. هندستان پوئتي هٽڻ جي ڳالهه ڪري رهيو هو، پر گڏوگڏ هن 10 مئي تي رات جو دير سان پاڪستاني هوائي اڏن کي نشانو بڻايو، جنهن پاڪستان کي جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي ان جوابي حملي ۾ ميزائل فائر ڪيا ويا ۽ هڪ منظم هوائي آپريشن ۾ هندستاني هوائي فوج جي بيس تي لڳل روسي جي ٺهيل S-400 هوائي دفاعي نظام سميت ڪيترن ئي ھدفن کي نشانو بڻايو ويو.
نئين دهلي ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ ۾ هندستان جي فوجي ترجمان پنهنجي ٽن ھوائي اڏن کي “محدود نقصان” رسڻ جو اعتراف ڪيو جڏهن ته ھڪ ڀيرو ٻيھر اھو عھد ورجايو ته اهي ڇڪتاڻ نٿا چاهين. جڏهن هي بريفنگ جاري هئي، تڏهن حيدرآباد جي ويجهو سنڌ ۾ هوائي فوج جي ھڪ اڏي تي هڪ ڌماڪيدار ڊرون حملي جي تصديق ٿي، جنهن ۾ جاني ۽ مالي نقصان جو امڪان ظاھر ڪيو ويو.ان سان خدشا پيدا ٿيا ته ڇا پاڪستان به وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ جوابي ڪارروائي ڪندو ؟ تيزي سان وڌندڙ فوجي لڙائي ۾ ڪڏھن ڪڏھن اندازا غلط ثابت ٿي سگهن ٿا، جنهن جا غير متوقع نتيجا نڪرندا آهن ۽ اهو نه وسارڻ گهرجي ته ٻنهي ملڪن وٽ لڳ ڀڳ 300 ٽيڪٽيڪل ۽ اسٽريٽجڪ ايٽمي وار هيڊز ۽ انھن کي لانچ ڪرڻ جا مختلف نظام موجود آهن.
امڪاني ايٽمي جنگ جي خطري ٽرڻ تي ڏکڻ ايشيا يا دنيا سک جو ساهه کنيو آهي، پر ان کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ سوال اڀري رھيو آهي. ڇا مستقبل ۾ پڻ ڪيترن ئي ڏھاڪن جيان هندستان ۾ ٿيندڙ ڪنهن به دهشتگرد حملي جي ذميداري پاڪستان تي وجھي ڪري توپن جو رخ سرحدن ڏانهن موڙيو ويندو ۽ فوج مقرر ڪري جنگ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون، جيستائين ڇڪتاڻ نھ گھٽجي ؟ڪيترن ئي پاڪستاني ۽ مون کي پڪ آهي ته ڪيترائي هندستاني پڻ ڪجهه سالن بعد ٿيندڙ اھڙي تڪرار جا عادي ٿي چڪا هوندا. پر 2019 ۾ هندستان جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ پلواما حملي کان پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ، جنهن ۾ درجنين نيم فوجي مارجي ويا هئا، هندستان جو پهريون رد عمل پاڪستاني سرزمين تي ‘جوابي’ حملو ڪرڻ هو، پر پاڪستان جي هوائي فوج زوردار جواب ڏنو ۽ هندستاني جنگي جهاز کي ڪيرائڻ ۽ ان جي پائلٽ کي گرفتار ڪرڻ جو پهريون مثال قائم ڪيو ھو.
جڏھن تھ آزاد ڪشمير سان لڳ بالاڪوٽ جي ٻيلي واري علائقي تي جتي اڪثر ٽڪراءُ ٿيندو رھندو آھي، پر پھلگام ۾ گذريل مھيني جي دھشتگردي واري حملي کانپوءِ ھن هفتي پاڪستان جي اندروني شهري علائقن تي ميزائل حملو ڪرڻ ھڪ سگنين عمل هو.پر لڳي ٿو ته هندستان طرفان نئين معمول بڻائڻ جي ھن فعل جي مزاحمت ڪرڻ لاءِ پاڪستان ُپرعزم هو. جديد ترين جنگي جهاز جي وڃائڻ جي شرمندگيءَ جي ڪري، هندستان پاڪستان جي هوائي حدن تي ميزائل فائر ڪيا ۽ پاڪستان، جيڪو تيار هو، ان حملو ڪري ڏنو ۽ جيئن چيو پيو وڃي، ان جوابي حملي هندستان کي جنگ بندي لاءِ راضي ٿيڻ تي مجبور ڪيو.ڪيترائي هندستانين کي “مجبور” لفظ اڻ وڻندڙ لڳي سگھي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ان جي بلڪل ابتڙ آهي جيڪو اهي پنهنجي حڪومت جي ڪنٽرول ٿيل ميڊيا ۾ ٻڌي رهيا آهن ۽ مختلف پابندين ۾ ڦاٿل سوشل ميڊيا تي جيڪو ڏسي رهيا آهن، پر انهن کي اھو سوچڻ گهرجي ته انهن جي حڪومت پاڪستان سان ڳالهين بابت ڪهڙو موقف اختيار ڪيو آهي.
صدر ٽرمپ پاران جنگ بندي جو اعلان ۽ ٻنهي ملڪن کي ” عقل مندي ۽ زبردست ذهانت” جي مظاھري ڪرڻ تي مبارڪ ڏيڻ کان پوءِ، وڌيڪ اهم بيان/ٽوئيٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو جو آيو، جنهن ۾ هن چيو ته نائب صدر، جي ڊي ونس ۽ هن ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن، هندستاني پرڏيهي وزير، پاڪستاني فوج جي سربراهه، ٻنهي قومي سلامتي جي چيف مشيرن جي صلاح مشوري سان ڳالھھ ٻول ڪئي. ھن ٻنھي وزيراعظمن جي” امن جي چونڊ ڪرڻ تي دنشمندي ۽ ڏاھپ واري حڪمت عملي“ جي واکاڻ ڪئي.پر سندس بيان جو سڀ کان اهم حصو اهو هو ته ٻنھي ملڪن “هڪ غير جانبدار هنڌ تي وسيع مسئلن تي ڳالهيون شروع ڪرڻ” تي اتفاق ڪيو آھي.
انهن ڳالهين جي وقت يا هنڌ بابت فوري طور تي ڪجهھ بھ معلوم ناهي، پر جيئن اندازو لڳايو پي ويو.آيا اهي ابوظهبي ۾ ھوندا يا ڪنھن ٻئي هنڌ تي.اھو اھميت نٿو رکي. اهم ڳالهه اها آهي ته، هندستان پاڪستان سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي پنهنجي پراڻي موقف ” جيستائين پاڪستان دهشتگردي جي حمايت بند ختم نه ڪندو، ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي.“ تان ھٿ کڻي ويو آھي.
جيئن عام طور تي هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندو آهي، ٻئي ڌريون پنھنجي فتح جي دعويٰ ڪنديون، پر اهو چٽو آهي ته صرف هڪ ڌر ڳالهين تي پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي آهي، جڏهن ته اسلام آباد تھ نئين دهلي کي ڪيترائي ئي ڀيرا ڳالهين جي ميز تي اچڻ جو مطالبو ڪندو رھيو آهي.جيڪڏهن هندستان پوئتي نٿو ھٽي ۽ واقعي ۾ ڳالهيون ٿين ٿيون ته ان ۾ ننڍي کنڊ جي انھن ڪروڙن ماڻهن جي فتح هوندي جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اميد آهي ته، هڪ خطرناڪ جنگ جو خطرو ٽري ويو آهي ۽ شايد ايٽمي حد کان هيٺ روايتي طاقت جو نئون قائم ٿيل توازن مستقبل جي تڪرارن کي روڪيندو.
مَي 12, 2025