سڪرنڊ ۾ منشيات ۽ شراب جي بٺين خلاف ڪاروايون، پنج جوابدار گرفتار
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد جي هدايت تي منشيات فروشن خلاف ڪاروائي پنج جوابدار گرفتار شراب جي بٺي تي پڻ ڇاپو ڪامياب ڪارواين تحت ايس ايڇ او سڪرنڊ اصغر عالم هاليپوٽو منشيات فروشيءَ ۾ ملوث عبدالمقيم جلالاڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1120 گرام چرس هٿ ڪري ورتو ، اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪري 2 جوابدارن شيراز علي ۽ اسد علي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 30 بور جو پسٽل هٿ ڪيو ،
جمال شاھ پوليس ڪاروائي ڪري ڳوٺ حاجي دين محمد زرداري ۾ لڳل موبائل ٽاور مان بيٽريون چوري ڪندڙ ملزم عامر لاشاري کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان چوري ٿيل بيٽريون هٿ ڪيون ، 60 ميل ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪري جوابدار گلاب خان سيٺار کي گرفتار ڪري سندس قڀضي مان هڪ عدد ديسي پستول هٿ ڪيو ،
قاضي احمد پوليس ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ شير علي کوسو تي چڙهائي ڪري ڳوٺ ۾ قائم شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي هزارين ليٽر شراب ۽ شراب ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪري ورتو جڏھن ته شراب جي بٺيءَ جا مالڪ پوليس ڏسي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو
جنهن بعد قاضي احمد ٿاڻي تي بٺي مالڪن دادن کوسو ، ممتاز کوسو ، لطيف کوسو ، شريف کوسو. شير کوسو ، اميد علي ، غلام مرتضيٰ ۽ علي رضا کوسو تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
هوڏانهن پوليس ترجمان عامر خان بروهي جي پڌرائي موجب سمورن گرفتار جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ ۽ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏھن ته ايس ايس پي شهيد بينظير آباد شبير احمد سيٺار ڪامياب ڪاروايون ڪرڻ تي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي شاباسي ڏني
مَي 12, 2025