سڪرنڊ ڀرسان باهه جي ڏنداڙي، 40 کان وڌيڪ گهر سڙي رک، لکين جو نقصان

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ قيصر خان چانڊيو ۽ غلام حيدر چانڊيو ۾ ڀرسان بيٺل پل ۽ ڪنگور ۾ لڳل باھ تيز هوا سبب سڄي ڳوٺ کي وڪوڙي وئي.

نتيجي ۾ مصري چانڊيو، سعيد خان، محبوب، شبير، وزير چانڊيو، نثار موچي، راڻو ، اياز، سليمان، محمد سليم ، عبدالجبار، عطا محمد، در محمد، سڌير، مجاهد، قدير سميت 40 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جا  گهر سڙي رک ٿي ويا آهن. جڏهن ته باهه سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان پڻ سڙي رکي ٿي ويو آهي. جڏهن ته باھ وسائڻ لاءِ سڪرنڊ، قاضي احمد، نوابشاهه جون فائر برگيڊ گاڏيون باھ وسائڻ ۾ مصروف آهن. هوڏانهن ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، آفتاب چانڊيو سميت علائقي جا سوين ماڻھو موقعي تي پهچي ڳوٺاڻن جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا هئا.

 جيئن ته ڳوٺاڻن ۽ ڀرپاسي جي ماڻھن جي پنهنجي مدد پاڻ تحت جاني نقصان کان بچاءُ ٿي ويو. پر اناج، هنڌ بسترا، کٽون، ٿانوَ ٺڪر باھ سبب سڙي رک ٿي ويا.

مَي 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو