سڪرنڊ شهر ۾ صفائي جو بحران، عوام جو زندگي اجيرن ۾ مبتلا
سڪرنڊ (رپورٽ:راج ڪمار اوڏ) سڪرنڊ شھر ڪچري جو ڍير بڻجي ويو، گندگي سبب وک وک تي بدبوءِ سبب رهواسين جو جيئڻ جنجال، روڊن رستن تي قبضا مافيا قابض، گوشت مڇي مرغي ۽ سبزي وارن مين روڊ کي مڇي مارڪيٽ ٺاهي ڇڏيو، بيماريون ڪر کڻڻ لڳيون، ٽائون ڪاميٽي جي ڪروڙين روپيا بجيٽ ڪاغذن ۾ ھڙپ ٿيڻ لڳي، مکين مڇرن جو آزار وڌي ويو، استاد شاگرد پنڌ اسڪول وڃڻ لاء پريشان، عورتن ٻارن توڙي بيمارن کي ٻن منٽن جي سفر لاء ڪلاڪ ڪلاڪ انتظار ۾ گذريو وڃي،
انتظاميا لاپتا، صفائي سميت اسٽريٽ لائيٽ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون عوام دانهون ڪرڻ تي مجبور سياسي سماجي ڌريون به هٿ تي هٿ ڏئي خاموش تماشائي ٿي ويهي رهيون شھري بيوس بڻجي ويا، ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي ڪروڙين روپين جي بجيٽ ھئڻ باوجود سڪرنڊ شھر گندگي جي ڍير ۾ بدلجي ويو آھي، هنڌ هنڌ تي گندو پاڻي اٿلڻ سبب سڪرنڊ شهر گندي پاڻي جي ڍنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي
شهر اندر مين هولن جا ڍڪڻ نه هئڻ ڪري ڪيترائي شهري گٽرن ۾ ڪرڻ لڳا آھن جڏهن ته ڪجھ عرصو اڳ پڻ ھڪ معصوم ٻارڙو مين هول ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو ھو،
مگر ٽائون انتظاميا ڪوبه تحرڪ نه ورتو، ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ ڪرپشن جو ڳڙھ بڻجي وئي آھي ڪاغذن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري ڪروڙين روپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن، سفارشي ٺيڪيدارن ۽ چونڊيل نمائيندن سڪرنڊ شھر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين سيد عذير اختر شاھ ڄاموٽ پاران ڪائونسلرن کي هر مهيني وظيفو ڏنو پيو وڃي تنهن سبب چونڊيل ڪائونسلر به ٿيندڙ ڪرپشن تي خاموش نظر اچڻ لڳا آهن،
صفائي جو ٺيڪو پڻ پ پ جي هڪ سفارشي جيالي کي ڏنو ويو آهي جيڪو ايڊھاڪ سسٽم تحت ٽائون جي ريٽائر ملازمن جي اولاد، مائٽن ۽ ڪائونسلرن جي بليڪ ميلنگ جو شڪار بڻجي انهن کي خرچ پاڻي ڏيڻ ۽ ڪم نه ڪرڻ سبب شھر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي، مين روڊ تي الله واري اهم چوراهي جي چؤطرف هر وقت ڪچري جا ڍير لڳل هجڻ سبب الله جي نالي جي هڪ طرف سونهن متاثر ٿي رهي آھي ته ٻئي طرف عام پبلڪ لاء پنڌ هلڻ ڏکيو بنجي ويو آھي،
پراڻي نيشنل هائي وي تي دڪاندارن پاڻي ڪچرو اڇلڻ ۽ بار بار پاڻي هارڻ سبب ڪروڙن جي لاڳت سان ٺھيل روڊ ڪيترن ئي جاين تان ٽٽي ويو آھي ڪچري سبب بدبوء ديرا ڄمائي ورتا آھن،
ريڙھن وارن پاران روڊ تي مڪمل قبضي ۽ حددخلين سبب عوام آزار ۾ اچي ويو آھي، اسڪول ويندڙ نياڻيون ۽ شاگرد توڙي نمازي بدبودار رستن تي هلڻ تي مجبور بنيل آھن، هتان جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي به شھر کان لاتعلق بڻجي ويا آھن،
ان سڄي صورتحال ۾ هتان جون سياسي سماجي ڌريون ۽ سول سوسائٽي پڻ خاموش تماشائي بڻجي چيئرمين جا ڳيچ ڳائڻ ۾ پوري نظر اچي رهي آھي، عوام پاران بلدياتي حڪومت کان شھرين کي سهولتون ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي ته سڪرنڊ شھر جي حالت ڏينهون ڏينهن بدتر ٿي رهي آھي،
ھر طرف گندگي جا ڍير لگل آھن، شھر اندر مين هول کليل هجڻ ڪري هر وقت معصوم ٻارن مٿان موت لامارا ڏئي رهيو آھي، انتظاميه لاپرواھ بنجي واھ واھ ڪرائڻ ۾ پوري آھي، شھر اندر حدد خلين جو آزار وڌي وڃڻ ڪري اسڪولي نياڻين شاگردن نمازي شهرين جو هلڻ مشڪل بنجي ويو آھي،
ٽائون ڪاميٽي انتظاميا حددخليون هٽرائڻ بدران ريڙهن ۽ گاڏين وارن تي آپريشن ڪري رسمي ڏنڍ وصول ڪرڻ ۾ مصروف بنجي مال ڪمائڻ ۾ لڳي وئي آھي، جڏھن ته گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ ھئڻ باوجود ڪاسائي وچ شهر ۾ جانور ذبح ڪرڻ لڳا آهن جنهن سان وڌيڪ گندگي ۽ بدبوءِ پکڙجي رهي آھي جنهن سان بيماريون جنم وٺي رهيون آھن ٽائون ڪاميٽي جي ڪروڙين روپيا بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙھي رهي آھي،
شھر ۾ بهتري جون دعوائون ڪندڙ حڪمران جماعت ۽ ٽائون انتظاميه کي شھر جي مين روڊ ۾ قائم الله جي نالي وٽ به پيل گند ڪچرو نظر نٿو اچي، ٽائون انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل ھجڻ سبب ڪروڙن جي بجيٽ ضايع ٿي رهي آھي ڪو به ڏسڻ جھڙو ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آھي، جڏهن ته جڪي ٿورا گهڻا ڪم ٿيا آھن انهن ترقياتي اسڪمين ۾ غير معياري مٽيريل استمال ڪرڻ تي شهرين احتجاج به ڪيا پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو، نه ئي وري شھر جي بهتري لاء ڪي قدم کنيا ويا،
افسوس ان ڳالھ جو به آھي ته گرلس ڪاليج واري مين روڊ تي به گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو، ايڏي وڏي شھر ۾ عوام جي لاء تفريح جي ڪا جاء نه آھي شھر جا سوين ڌڻي هوندي به شھر ننڌڻڪو بڻيل آهي هتان هر دفعي ڪامياب ٿيل چونڊيل نمائندن به ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ علائقي واسين کي وساري ڇڏيو آھي،
جڏهن ته هن تعلقي جي عوام تعليم صحت جهڙي سهولت کان به محروم آهي تعلقي اندر هر اداري ۾ کلي عام ڪرپشن ٿي رهي آھي پي پي حڪومت سنڌ ۾ بهتر حڪمراني جون دعوائون ڪري رهي آھي پر پي پي جي ڪو چيئرمين آصف زرداري جو اباڻو تڪ به مسئلن جي ور چڙھيل آھي، ان ڳالھ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بهتر حڪمراني جون صرف زباني دعوئوان آهن پر عملي طور عوام کي تعليم صحت جهڙيون بنيادي سهولتون به ميسر ناهن،
هتان جي عوام پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت صدر آصف علي زرداري ۽ سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته هن شھر جا بنيادي مئسلا حل ڪري عوام کي صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون مهيا ڪري شھر اندر صفائي طرف ڌيان ڏنو وڃي، معياري ترقياتي ڪم ڪرائي شھرين مان بيچيني دور ڪئي وڃي،
ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي وارڊ نمبر هڪ جي ڪائونسلر ماما نور احمد رند ٻڌايو ته مونکي ٽائون ڪاميٽي مان هر مهيني پگهار ملندي آهي جن مان مون پنهنجي وارڊ جي غريبن ماڻهن ڪپڙا ورهايا آهن،
ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين سيد عدير اختر شاھ ڄاموٽ ٻڌايو ته شهر اندر حدد خليون هٽايون وينديون، جڏهن ته شهر اندر صفائي جو نظام بهتر آهي هر روز ڪچرو ٿئي ٿو ان ۾ شهري به سهڪار ڪن، اسان ڪوشش ڪري شهرين جي خدمت ڪريون ٿا سموري صورتحال کان واقف آهيون ۽ شهر ۾ هر طرح جا ڪم ڪرايا پيا وڃن
مَي 12, 2025