سکر ۾ ڊرون حملي ۾ زخمي ٻارڙي جي عيادت، حڪومت ۽ فوج جو عزم

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) صوبائي وزير صنعت ۽ تجارت ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڪمانڊنٽ 34 برگيڊ برگيڊيئر اسد ڪجھ ڏينهن پھريان ڊرون حملي ۾  زخمي ڳوٺ سيفل خان جعفري واسي فياض جعفري ولد قادر بخش جعفري جي ضياء الدين اسپتال سکر پڻ پھچي عيادت ڪئي ۽ گلدستو پيش ڪيو

 ان موقعي تي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي, ڊي آئي جي فيصل عبدالله چاچڙ,  ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو ۽ ٻيا سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ برگيڊيئر اسد ضياالدين اسپتال جي ڊاڪٽرن کان ڊرون حملي ۾ زخمي مريض جي صحت  بابت تفصيل ورتا ۽ مريض کي بهترين علاج معالجي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.

ان موقعي تي برگيڊيئر اسد چيو ته  پاڪستان فوج هميشه جيان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي ۽ ڪنھن کي به پاڪستان خلاف ميري اک کڻڻ نه ڏينداسين. ان موقعي تي صوبائي وزير صنعت ۽ واپار ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته هن قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا هر وقت تيار آهن

 پاڪ فوج جي بھترين جوابي ڪارروائي کانپوء ڀڀڪيون ڏيندڙ دشمن خاموش ٿي ويو ھڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ڀارت جي جنگي جارحيت ۾ شھيدن جي وارثن مالي امداد سان گڏوگڏ زخمين کي پڻ علاج معالجي جو خرچ حڪومت برداشت ڪندي ان موقعي تي زخمي ٻارڙي فياض جعفري جي والد چيو ته اسان جا حوصلا بلند آهن

 ھڪ پٽ زخمي ٿيو آھي پر ملڪ لاء سڀئي پٽن جي قرباني لاء تيار آهيان پاڪستان آرمي طرفان ڊرون حملي ۾ زخمي ٻارڙي جي خاندان کي مالي امداد ۽ راشن فراهم ڪيو ويو جڏهن ته ٻارڙي جي علاج ۽ تعليم لاءِ پڻ ڀرپور مدد جو يقين ڏياريو.

مَي 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو