سکر ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي لاءِ ريلي، ڀارتي جارحيت خلاف عزم
سکر (رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) پاڪ فوج پاران ڀارتي جارحيت خلاف آپريشن (بنيان المرصوص) جي ڪاميابي ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظھار ڪندي پاڪ فوج يڪجهتي ريلي سرڪل آفيس کان ڪڍي وئي ريلي ۾ آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ورڪرز يونين (سي بي اي) جي سيپڪو ملازمن جي وڏي انگ پاڪستان فوج يڪجهتي ريلي ۾ شرڪت ڪئي
سرڪل آفيس کان نڪتل ريلي سکر پريس ڪلب پهتي جتي پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ملازمن ۽ سيپڪو آفيسرن ۽ مزدور يونين جي اڳواڻن هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا هئا،
ريلي جي قيادت پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي سيد زاهد علي شاهه۔علي مردان شيخ، آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ورڪرز يونين (سي بي اي) سيپڪو سکر جي خليل احمد ڊومڪي، شجاع علي گھمرو، جاويد عباسي، اشفاق احمد مہر، عقيل احمد ديو، نذر ميمڻ، سرور علي ھڪڙو، لالا نزاڪت پٺاڻ، سميت ٻيا اڳواڻ ريلي جي قيادت ڪري رهيا هئا،
جڏهن ته ريلي ۾ سيپڪو جي آفيسرن به خاص طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڀارتي حڪمرانن کي چئلينج ڪندي چيو ته جيڪڏهن هندستان پاڪستان تي جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ڀرپور ۽ مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو اسان پاڪ فوج سان گڏ هڪ پليٽ فارم تي پاڪ فوج سان گڏ جارحيت لاءِ تيار آهيون، اسان پنهنجي پياري وطن جي حفاظت لاءِ پاڪستاني فوج سان گڏجي وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، هنن چيو ته مودي جو سفاڪ چھرو دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو آھي۔
مَي 12, 2025