بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ جي تجويز پيش، آءِ ايم ايف سان تجويز ڪيل نڪتا پيش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)حڪومت ايندڙ بجيٽ لاءِ آءِ ايم ايف سان تجويز ڪيل ٽيڪسيشن قدمن جا اهم نڪتا پيش ڪري ڇڏيا آهن.
مهتاب حيدر جي ڇپيل رپورٽ موجب انهن نڪتن ۾ مختلف انڪم سليب (آمدني جي درجا بندي) ۾ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار 10 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف ان تجويز ڪيل گهٽتائي تي راضي ٿي ويو ته ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي 50 ارب رپين تائين جو رليف ملي سگهي ٿو.
ايندڙ بجيٽ کي آخري صورت ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستاني ٽيم جي وچ ۾ 14 مئي کان 22 مئي تائين ڳالهيون ٿينديون.
سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آهي ته حڪومت بجيٽ ۾ رليف ڏيڻ سبب ٿيندڙ آمدني جي گهٽتائي جي تلافي لاءِ اضافي ٽيڪس لڳائڻ تي رضا مندي ڏيکاري آهي.
مَي 12, 2025