ابراهيم حيدري ۾ “بنيان مرصوص” آپريشن جي ڪاميابي تي پاڪ فوج کي خراجِ تحسین

Spread the love

ملير (ڊر) ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پاران پاڪ فوج جي ڪامياب آپريشن “بنيان مرصوص” جي خوشي ۾ رزاق آباد کان ٽائون آفيس تائين پاڪ فوج زنده باد ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو، وائس چيئرمين رفيق دائود جت، ميونسپل ڪمشنر مسرور نواز خُشڪ ۽ پارلياماني ليڊر اختر يوسف عارفاني ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي پرچم ڪشائي به ڪئي وئي ۽ خوشي ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو،

تقريب کي خطاب ڪندي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيون ٿا جن بهادري ۽ دليري سان دشمن ملڪ جا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا، پاڪ فوج بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪندي دشمن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ ملڪ جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائڻ جو عملي ثبوت ڏنو. آپريشن “بنيان مرصوص” نه رڳو فوجي ڪاميابي جو ڏينهن آهي پر قومي وقار جي بحالي جو به ڏينهن آهي،

هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي جارحيت، دهشتگردي، بزدلاڻا حملن ۽ سرحدي ڀڃڪڙين جي جواب ۾ پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪري ڀارت کي سخت سبق سيکاريو. هي ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ يادگار رهندو. ابراهيم حيدري ٽائون جي عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ هن وڏي ڪاميابي تي فخر محسوس ڪري ٿي. نوجوانن جو حوصلو ۽ جذبو قابل تعريف آهي، اسان پنهنجي نئين نسل کي هيءُ ڏينهن فخر طور ياد ڏياريندا رهنداسين،

 ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته ڀارت جي خلاف پاڪ فوج جي ڪامياب ڪارروائي جي سلسلي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيڪا قومي يڪجهتي ڏسڻ ۾ آئي، ان ۾ ابراهيم حيدري ٽائون اڳڀرو رهيو. اسان کي پاڪ فوج تي مڪمل اعتماد آهي. ٽائون جي سمورن علائقن، آفيسن، يونين ڪائونسلن، اسڪولن ۽ مقامي عمارتن تي قومي پرچم لهرائي ڇڏيو ويو آهي.

شهرين وڏي انگ ۾ خوشي جو اظهار ڪندي وطن جي سلامتي ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي لاءِ ريليون ڪڍيون ۽ خاص دعائون گهريون، اڄوڪي ريلي پاڪ فوج سان اظهار محبت ۽ يڪجهتي طور ڪڍي وئي آهي جنهن جو مقصد پاڪ فوج جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪرڻ آهي.

مَي 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو