10 مئي – جشنِ فتح جو ڏهاڙو: آپريشن “بنيانِ مرصوص” ۽ پاڪستان جو بهادراڻو دفاع
پاڪستان جي عسڪري تاريخ ۾10 مئي 2025ع کي هڪ ناقابلِ فراموش ڏينهن طور هميشه ياد رکيو ويندو. انهيءَ ڏينهن اَسر ويل پاڪستان جي فضائيه دشمن پاران ڪيل حملي جو ٺوس حڪمت عملي ۽ فيصلي واري انداز سان جواب ڏيندي “ آپريشن بنيانِ مرصوص” جي شروعات ڪئي، انهيءَ آپريشن جي ڪارروائي جي شدت اهڙي ته شاندار هئي جو آمريڪا جي صدر فوري طور تي سڌي طرح سان چ ۾ پوندي ٻنهي ملڪن کي جنگ بنديءَ جي اپيل ڪئي ۽موقف اختيار ڪيو ته پاڪستان جو دفاعي رد عمل وقتي، جائز ۽ عالمي قانونن پٽاندڙ آهي. ڀارت پاران “پهلگام فالس فليگ آپريشن” واري سازشي آڙ تحت پاڪستان جي سالميت کي نشانو بڻائيندي جارحيت واريون سموريون حدون پار ڪندي شهري آبادين، عبادتگاهن ۽ تعليم ادارن کي نشانو بڻايو ويو. ڀارت نه رڳو فضا، زمين ۽ سامونڊي حدن اندر حملو ڪيو پر اسرائيلي ساخت جي ڊرونز وسيلي پڻ پاڪستان جي فوجي تنصيبات کي نقصان پهچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جنهن کي نه رڳو پاڪستان جي بهادر فوج پاران ناڪام بڻايو پر پاڪستان جي فضائيه 27 کان وڌيڪ ڀارتي فوجي هدفن کي درست نشانو بڻايو، جڏهن ته انهيءَ موقعي تي خاص ڳالهه اها ٿي ته ڀارت طرفان پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڀارتي عورت پائلٽ کي پڻ زنده گرفتار ڪيو ويو، جيڪا اڃان تائين پاڪستان جي اختيارين وٽ زير حراست آهي. اهڙي واقعي نه رڳو پاڪستان جي مظبوط عسڪري قوت کي دنيا آڏو سامهون پر ڀارت جي مڪروه ۽ جارحيت واري چهري کي به وائکو ڪيو، ۽ موٽ ۾پاڪ فوج زميني سرحدن تي به ڀارت کي سخت جواب ڏنو ، جنهن جي نتيجي ۾لائين آف ڪنٽرول، ورڪنگ بائونڊري ۽ انٽرنيشنل بارڊر سميت مختلف مرحلن تي دشمن کي تمام وڏو نقصان رسيو، ساڳئي وقت پاڪستان بحريه به ڀارتي بحري ٻيڙي “وڪرانتھ” کي سامونڊي ڪناري کان ڪوهين ڏور پري ڌڪيندي ڀارت کي پيغام ڏنو ته پاڪستان جون سرحدون محفوظ ۽ مضبوط هٿن ۾آهن، جنهن جي حفاظت پاڪ فوج سميت ملڪ جو 25 ڪروڙ عوام پنهنجي جانين جون قربانيون ڏيندي ڀارت کي شڪست ڏيندو.
موجوده صورتحال ۾ دنيا جون طاقتور قوتون امريڪا، چين، سعودي عرب ۽ ٻين اهم ملڪن جي سفارتي ڪوششن، خاص ڪري آمريڪي صدر جي ڪيل سڌي اپيل سبب ڀارت جنگبندي لاءِ تيار آهي، عالمي سطح تي ٿيندڙ سفارتي ڪاميابي پاڪستان جي عسڪري حڪمت عملي، تدبير، اندروني اتحاد جو نتيجو آهي. جڏهن ته ٻنهي ملڪن جو عوام پڻ خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته جنگيون نه رڳو هڪڙي ڌر پر ٻنهي ڌرين لاءِ تباهي جو سبب بڻجنديون آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻئي ايٽمي قوت رکندڙ ملڪ آهن، کين عالمي طور تي ٿيندڙ ٽياڪڙي واري آڇ تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ ايندڙ وقت ۾ اڳرائي ڪندڙ ملڪ خلاف کلي عام پابندين جو اعلان پڻ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڀارت خطي ۾ روايتي حريف طور هميشه موجود رهيو آهي، هو ڪنهن به وقت سازش ڪري جنگ جو ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو. آهي.
هتي اسان دنيا آڏو اهو واضع ڪيون ٿا ته 10 مئي پاڪستان لاءِ نه رڳو جنگي ڪاميابي پر جشنِ وطن، استحڪام پاڪستان، عزم، غيرت ۽ قوم پرستي جو عظيم ڏهاڙو آهي، آپريشن “بنيانِ مرصوص” دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾جارحيت، پنهنجي سرحدن ۽ غيرت جو دفاع ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿو.