ڇور  ۾ پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي طور شھر ين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

ڇور (رپورٽ: لالجي سوڍو ) ڇور  ۾ پاڪ فوج سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي جارحيت خلاف شھر واسين طرفان هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ شهرين  ۽ سياسي سماجي اڳواڻن  سميت شاگردن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ريلوي ڦاٽڪ کان پريس ڪلب   تائين ريلي ڪڍي  وئي

 جتي شھري اڳواڻن نورمحمد ٿري اصغر غوري يوسف قريشي نواز علي نھڙي بابو ناغڙ عنايت سومرو ۽ ٻين  اڳواڻن جو چوڻ هو ته مودي سرڪار ۽ ڀارتي فوج گذريل 7 مئي تي رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملا ڪري ڪيترن ئي پاڪستاني شهرين کي پڻ شهيد ڪري ڇڏيو اهڙي ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج جي جوانن پاران وڏي دليري ۽ همٿ سان ڀرپور جواب ڏنو جنهن تي اسان پاڪ فوج کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

هنن چيو ته ڀارت هميشه پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج خلاف پروپگينڊا ڪري پنهنجي دهشتگرد چهري کي پوري دنيا آڏو وائکو ڪيو آهي. پر پاڪستان جي حڪومت هميشه امن محبت ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي آهي.

هنن چيو ته اسان ڀارت جي اهڙي جارحيت جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ پاڪستان جي سرحدن جي دفاع جو وچن ٿا ڪيون ته اسين پاڪ فوج سان گڏ آهيون ۽ ڪنهن به اڳرائي جو مودي سرڪار ۽ ڀارتي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهيون .

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو