پاڪستانيءَ قوم جو، پاڪ فوج کي سلام,
وفا سانوڻ نوحاڻي
پاڪستان ، دنيا ۾ ھڪ عظيم ملڪ آهي ، جيڪو ھميشه پنھنجي پاڙيسريءَ ملڪن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند رهيو آهي ، پر پاڙيسري ملڪ پاڪستان جي امن پسند ملڪ جي طور دنيا ۾سچاڻپ کي شايد ڪمزوري سمجھي رھيا ھئا ، پر ڪنھ ڏينهن کان ڀارت مسلسل پاڪستان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪري رھيو ھو ، ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ٿيندڙ دھشتگردي جي واقعي ۾پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي خاطر ، انھيءَ جو ، ڪوڙو ، بي بنياد الزام پاڪستان تي لڳائي ، ھن خطي کي جنگ جي ور چاڙهي ڇڏيو ،آھي ، جڏهن ته ڀارت جي مسلمانن دشمن وزيراعظم نريندر موديءَ ۽ انھيءَ جي انتها پسندن ساٿين ، رات جي اونداھيءَ ۾ پاڪستان جي مظلوم شھرين تي حملا ڪري ، معصوم ٻارڙن ، جو ، ناحق خون وھايو ، مسلمانن جي عبادت گاھن ، مسجدن تي حملا ڪري تمام ڪريل ۽ بزدل حرڪتون ڪيون ، پر ، پوءِ به پاڪستان جي حڪومت ، فوج ۽ قوم ، صرف پنهنجي دفاع جو ، حق استعمال ڪيو ، ۽ پاڪستاني قوم تي حملا ڪندڙ ، جھازن کي واپس ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ، ۽ انھيءَ ڪارروائي جي دوران ڀارت جا ، پنج جنگي جھاز ڪيرايا ويا ، جن ۾فخر ڀارت ، رافيل جھاز به شامل آهن ، ۽ ڊرون به ڪيرايا ويا ، ۽ دنيا جي آڏو ، ڀارت جون بدمعاشيون ، وائکيون ڪيون ويون ، ، پاڪستان صرف پنهنجي دفاعي حق استعمال ڪيو ، پر پاڪستان حالتون سمجھيون پئي ته ڇڪتاڻ واري صورتحال سان علائقائي صورتحال خراب ٿينديون ، ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت رکندڙ آهن ، جنگ نه ٿئي ، امن قائم ڪيو وڃي ، پر ڀارت جيڪو ، غرور ۽ تڪبر جي انڌي گهوڙي تي سوار ھئو ، جنهن تمام ٻاراڻيون حرڪتون شروع ڪيون ، جن ۾سنڌ طاس معاھدو ختم ڪرڻ ، سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جو رخ تبديل ڪرڻ ، به شامل ھئو ، ۽ گڏوگڏ ڀارت کي پاڪستان سان جنگ ڪرڻ جو به شايد نريندر موديءَ کي شوق به ھئو، تڏهن ته ھن وري به پاڪستان جي سرحدن تي ڇڪتاڻ ڪري شھرين کي نشانو بڻايو ، پاڪستان ۾ ھڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڊورن موڪلي پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪيو ،اھڙي صورت حال ۾ پاڪستان وٽ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ھيو ، ئي ڪونه ، ، ڀارت پاڪستان کي بار بار چلينچ ڪندو رهيو ، پاڪستان جي حڪومت فوج تمام گھڻو صبر ڪيو ، پر ، ڀارت انھيءَ جي صبر کي شايد ڪمزوري سمجهڻ لڳو ، نيٺ ، جڏهن ڀارت جي انتها پسندن جي حڪومت ۽ نريندر موديءَ بار بار پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪيو ، ته پوءِ ، پنهنجي پياري پاڪستان جي بقاءَ سلامتي ، جي خاطر ، پاڪستان جي فوج ، حڪومت ، ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ، ۽ ڀارت تي حملن جو فيصلو ڪيو ويو ، انھيءَ وطن عزيز جي دفاع جي خاطر وڙھندڙ جنگ ۾ ،، بنيان مرصوص ،،آپريشن شروع ڪيو ، جڏهن ته پاڪستان ڀارت کي پھرين ئي منھن ٽوڙ جواب ڏئي چڪو ھئو ، پر ، جڏهن تازو ، ڀارت تي حملا ڪيا ويا ، ته اھئي حملا بزدل ڀارت جيان نه شھرين تي ڪيا ويا ، نه وري عبادتگاهن تي ڪيا ويا ، نه ئي رات جي اونداھيءَ ۾ڪيا ويا ، پر اھئي حملا ، پاڪ فوج جي سپهه سالار آرمي چيف جنرل عاصم منير ، جي قيادت ۾فجر جي نماز پڙهڻ دعا جي بحد ڏينهن جي روشنيءَ جي پهرين ڪرڻن جي شروعات سان ڪيا ويا ، انھيءَ پاڪستاني قوم جي دعائن سان پاڪ فوج جي حملن ڀارتي فوج انتها پسندن جي حڪومت جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ، ۽ پاڪستان جي عظيم بھادر فوج سمورا ، اٽيڪ پاڪستان جي سالميت جي خطرو ثابت ٿيندڙ ، جاين تي ڪيا ويا ، مختلف فيلڊن ، ائيرپورٽ ، فوجي ھيڊڪواٽرن ، چوڪين کي نشانو بڻايو ويو ، آهي ، پاڪ فضائيه دشمنن جا حوصلا ئي خطا ڪري ڇڏيا ، ۽ بزدل ڀارت جو، غرور، تڪبر ، مٽيءَ ۾ ملي ويو ، ڀارت کي پاڪستان پنهنجي اوقات ڏيکاري ڇڏي آهي ، ڀارت جيڪي ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا آھن ۽ انھيءَ جو کيس حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو ، پاڪ فوج پنهنجي صلاحيتن حوصلن ۽ بھادري سان دشمنن کي ھميشه جي لاءِ سبق سيکاري ڇڏيو آهي ،ھميشہ اڳرايون ڪندڙ بزدل ڀارت ھاڻ ھاڻي پاڻ بچائڻ جي لاءِ جتن ڪري رهيو آهي ، پاڪستان جي عظيم فوج ڀارت تي سائبر وار ، ڪرڻ کان ويندي زميني وار ڪرڻ فضائي حملا ڪرڻ ، سميت پنهنجي ملڪ ۽ بھادر سپاھين ، قوم جو جھڙي طرح تحفظ ڪري سندن ڳاٽ اوچو ڪيو آهي ، انھيءَ تي پوري پاڪستاني قوم پنهنجي سموري فوج کي سلام پيش ڪري ٿي ، جڏهن ته پاڪستان جي حملن سبب ڀارت خطري ۾پئجي ويو آهي ، ھوء پاڻ بچائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي ، ڀارت کي منهن ڏيڻ سان دنيا جي واضع پيغام آهي ، ته جنگ رڳو رافيلن سان وڙھي ناھي ويندي ، پر جنگ بارود سان گڏوگڏ ، بلند حوصلن ۽ بھادري سان وڙھي ويندي آهي ، ايمان جي جذبي سان سرشار جنگ کي دنيا جي ڪا به طاقت شڪست نه ٿي ڏئي سگهي ، ائين پاڪستان جي فوج ، ڀارتي فوج کي پنهنجي صلاحيتن حوصلن جي بنياد تي جنگ اصولي طور ھارائي چڪي آهي ، ڀارت جئين اڇيون جھنڊيون چوڪين تي کوڙي ڀڄندو آهي ، ائين ھاڻي کيس شڪست قبول ڪندي پاڪستان جي دفاع وطن جي لاءِ وڙھندڙ پاڪ فوج جي صلاحيتن کي مڃڻ گهرجي ، پاڪستان جي فوج تي پاڪستاني قوم کي ناز آهي ، فخر آهي ، جنهن ڀارت جا ھوش خطا ڪري ڇڏيا آهن ، اسان ڪروڙين پاڪستاني پاڪ فوج سان گڏ آھيون کيس جنھن بھادري سان دشمنن جو مقابلو ڪري کين شڪست ڏني آهي ، کيس سلام پيش ڪيون ٿا ،
مَي 11, 2025