ٽرمپ ڪشمير مسئلي جي حل جو خواهشمند، وڏو اعلان ڪري ڇڏيائين

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ لکيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏجي ڪم ڪندس ۽ ڏسندس ته ڇا هزارين سالن کانپوءِ ڪشمير مسئلي جو ڪو حل نڪري سگهي ٿو، ڪشمير مسئلي جي حل تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪنداسين.
جنگبندي تي ٻنهي ملڪن جي تعريف ڪندي آمريڪي صدر چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جي مضبوط قيادت تي تمام گهڻو فخر محسوس ڪيان ٿو، ٻنهي ملڪن جي قيادت دانشمندي جو مظاهرو ڪيو، مون کي فخر آهي ته آمريڪا توهان کي ان تاريخي ۽ شاندار فيصلي تائين پهچائڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهيو.
ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي عظيم قومن سان واپار کي هٿي ڏيندس.