ٽرمپ جا وڏا وڙ، جنگبندي سان علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ جو نئون سفر شروع ٿيندو: وزيراعظم

Spread the love

سلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي جنگبندي تي راضي ڪرڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم لکيو ته پاڪستان صدر ٽرمپ جي قيادت ۽ خطي ۾ امن لاءِ سرگرم ڪردار تي سندس ٿورائتو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان، جنگبندي جي موقعي تي سهڪار ڪرڻ تي آمريڪا جي ڪوششن کي ساراهي ٿو ۽ جنگبندي کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي مفاد ۾ قبول ڪيو ويو آهي.
وزيراعظم آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جا به خاص طور تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انهن ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
شهباز شريف وڌيڪ جو چوڻ هو ته پاڪستان جو يقين آهي ته جنگبندي مسئلن جي حل لاءِ هڪ نئين شروعات آهي، جنهن سان امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سفر شروع ٿيندو.

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو