مٺي : سني رابطه ڪائونسل پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ مٺي شهر ۾ ريلي ڪڍي وئي
مٺي (ڊ-ر) سني رابطه ڪائونسل پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ مٺي شهر ۾ ريلي ڪڍي مودي سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ريلي جي اڳواڻي مولانا محمد خان معاويه ۽ قاري عطا الله حيدري ڪئي
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ ملڪ جو هر شهري پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان بيٺل آهي ۽ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي بهادري ۽ حب الوطني تي سڄي قوم کي فخر آهي اسان پنهنجي فوج جي مڪمل حمايت جاري رکنداسين. جڏهن ته ريلي ۾ سني رابطه ڪائونسل جي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مَي 11, 2025