ملير  ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو سالياني مرڪزي ڪائونسل سيشن، قيادت جو اعلان ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جو عزم

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) عوامي جمهوري پارٽي جو سالياني مرڪزي ڪائونسل جو سيشن سچل ڳوٺ ٿيو جنهن  ۾ مرڪزي عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو

ان موقعي تي سنڌو درياھ، سنڌ ۾ امن امان سنڌ جي وسلين، تعليم ۽ ٻين حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ڪانونسل اجلاس ۾ صدر نور نبي راهوجو، سينئر نائب صدرات لاءِ سيد لال شاھ، نائب صدر اياز چانڊيو، جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپر، جوائنٽ پرويز ابڙو، خزانچي بشير چانڊيو پريس سيڪريٽري ڪليم ملڪ ۽ ٻين کي چونڊيو ويو

 پارٽي موقوف اختيار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته  سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڏيڻ لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي ڏيڻ جي مخالفت ڪريون ٿا فوري طور تي اهڙين رٿائن کي رد ڪيو وڃي

 سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي سنڌ ۾ آبي جيوت کاڌ خوراڪ سان گڏ ڪروڙين ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ زراعت کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت قبول ناهي حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي سنڌ جي سامونڊي پٽي تي تمر جي ٻيلن جي واڌ لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪيو وڃي سمنڊ ۾ فيڪٽرين ۽ گٽرن جو زهريلو پاڻي ڇوڙ نه ڪيو وڃي

 سنڌ جون زمينون هائوسنگ اسڪيمن کي نه ڏنيون وڃن سنڌ جي ڪچي جي زمين مقامي هارين غريبن ۾ تقسيم ڪئي ڪئي وڃي سنڌ جي زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنجاب وانگر انشورنس پاليسي تي عمل ڪري هارين کي ٻج، ڀاڻ ذرعي دوائون جي خريد ڪرڻ لاءِ بنا وياج جي قرض ڏئي نقلي ڀاڻ ٻج رزعي دوائن جي خاطمي لاءِ سنڌ اسيمبليءَ قانون سازي ڪئي وڃي.

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو