سڪرنڊ ۾ سيد تاج علي شاهه بودلائي جي 43هين عرس موقعي تي شاندار ادبي ڪانفرنس منعقد
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ جي تاريخي ماڳ دليل ڪوٽ ۾ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان سيد تاج علي شاھ بودلائيء جي 43ھين عرس مبارڪ جي موقعي ستاويهن ادبي ڪانفرنس درگاھ سيد تاج علي شاھ بودلائي جي آسڻ تي منقعد ڪئي ويئي.
جنھن جي صدارت درگاھ سيد تاج علي شاھ بودلائي جي سجادھ نشين سيد علي حيدر شاھ لڪياري ڪئي. جڏھن ته مھمان خاص سنڌ ڪلچرل فورم جو باني صادق لاکو هو. ادبي ڪانفرنس توڙي عرس جي تقريب ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان سوين ماڻھن ۽ ناميارين شخصيتن شرڪت ڪئي.
تقريب جي شروعات سيد تاج علي شاھ بودلائي جي مزار تي چادر چاڙهڻ سان ڪئي ويئي. جنھن کان پوءِ فنڪارن رجب علي فقير، محبت فقير ۽ ٻين سيد تاج علي شاھ بودلائي جون ڪافيون ٻڌايون. تقريب کي منٺار ٻگھيو، محمد عالم ڪيريو ،قاضي جاويد سنائي، قربان علي ڏيٿو، قلندر بخش ملاح، سارنگ ملاح ۽ ٻين خطاب ڪيو،
جڏهن ته صدارتي خطاب ۾ سيد علي حيدر شاھ لڪياري ،سيد تاج علي شاھ بودلائي جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ چيو ته سيد تاج علي شاھ بودلائي جو اصل عشق پنھنجي ڌرتيءَ سنڌ سان هو. ان موقعي تي درگاھ جي سجادھ نشين سنڌو درياھ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي تي مذمت ڪئي، ۽ چيو ته سنڌو درياھ اسان جو جياپو آهي.
سيد علي حيدر شاهه چيو ته سنڌ ۾ اسلام جي ڦھلاء ۽ انسانيت جي خدمت جي حوالي لڪياري سادات جو اھم ڪردار رھيو آھي سائين تاج علي شاھ بودلائيء پنھنجي وقت جو وڏو صوفي بزرگ ھجڻ سان گڏوگڏ سائين جي ايم سيد جي سنڌشناسيء ۽ سجاڳيء واري ھلچل جو پڻ ساٿي رھيو آھي. سنڌ جو مزاج ڪپهه جيان نرم آهي.
سنڌ ڪڏهن به ڪنهن مٿان چڙهائي ناهي ڪئي. سنڌ تي هر وقت هر ٽائيم ٻاهران ڪاهون ٿيون ۽ اڄ به سنڌ تي پنهنجن معرفت ئي ظلم جاري آهي.
سنڌ ڪلچرل جي باني ۽ چيئرمين صادق لاکو چيو ته ڏکڻ ايشيا جو عوام بکن،ڏکن،بيمارين ۽ ماحولياتي تباهڪارين جي ڪري شديد تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي انڪري ٻنھي ملڪن جا حڪمران توڙي انھن جا ساٿاري جنگي جنون واري ھوڏ تان دستبردار ٿي عوام جي فلاح ۽ بھبود لاء پاليسيون جوڙي انھن تي عمل ڪرائڻ لاء اڳتي اچن. سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ شاعرن ھميشه عالمي امن ء ترقي بنوادم ۽ مذهبي رواداريءَ جو درس ڏنو آھي سيد تاج علي شاھ بودلائيء صوفين جي ان سنگ جو ھڪ ڪامل بزرگ ۽ سنڌ دوست شاعر رھيو آھي.
اديب استاد محمد عالم ڪيريو چيو ته سنڌوء تي ڌاڙو هڻندڙ چور به ڀاڳين سان گڏ چور چور ڪري رهيا آهن.سيوھڻ کان آيل اديب قربان علي اوٺو چيو ته دعا آهي ته سنڌ ۽ سنڌو درياءَ جون موجون بحال ٿين.سڪرنڊ جي سينئر صحافي ۽ سماج سڌارڪ قاضي جاويد سنائي چيو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي کري کوٽي جي سڃاڻپ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صادق لاکو سنڌ لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ آهي. سنڌ جي بزرگن ۽ اوليائن جا آستانه وسندا رهن.
ان موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم جي اڳواڻن ممتاز علي ملاح ، سارنگ ملاح ، مورڙيو ميربحر ، محمد علي ملاح ،سڪرنڊ ميڊيا سينٽر جي صدر قربان علي عمراڻي ،مھتاب علي جمالي ،سنڌ پريس ڪلب سڪرنڊ جي صدر نياز چانڊيو،علي بھار ملاح ، سڪرنڊ پريس ڪلب جي سينئر صحافي قاضي جاويد احمد سنائي اعجاز علي مگسي، محبت فقير راڄپر، سيد غوث بخش شاهه ، جسقم اڳواڻ برڪت جلباڻي ،محمد بخش ڏاهري پاران ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪيو.ان کان پھرين درگاه سيد علي حيدر شاه لڪياري ء پاران سينيئر ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش ڏاهريء کي ھرسال ڀرپور نموني سان ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڪوريج ڪرڻ جي مڃتا طور محمد بخش ڏاهريء کي اجرڪ اوڍائي مڃتا ڏني ،
ان موقعي تي شاعر قلندر بخش ملاح ، سگهڙ فقير منٺار ٻگهيو ،فقير محمد علي ملاح ،غلام نبي ملاح پاران شاعري ۽ بيتن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي. جڏهن تہ سنڌ مشھور ڪلاسيڪل راڳي استاد گلزار علي خان سانگھڙائي جي فرزند استاد فقير رجب علي ۽سندس ڀائرن ،درگاھ جي راڳي فقيرن جي سنگ فقير عبدالڪريم ملاح ۽ فقير سائينداد ملاح پاران ڪلام ڳائي سيد تاج علي شاهه کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
مَي 11, 2025