بنگلاديش جي پاڪستان دوري بابت اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ ڪنهن به قسم جي خدشن جو شڪار ناهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ خدشن جو اظهار ناهي ڪيو، ٻنهي ملڪن ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز شيڊيول موجب ٿيندي.
ذريعن موجب تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ تي راضي آهي.