آمريڪي صدر جي بيان جي آجيان، ٽرمپ جي قيادت ۾ مضبوط ڀائيوار مليو آهي: وزيراعظم

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪشمير مسئلي جي حل ۾ مدد جي آڇ جي آجيان ڪئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته آمريڪي صدر جي قيادت ۽ عالمي امن لاءِ سندس عزم تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان ۽ صدر ٽرمپ جي آڇ کي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اهم سمجهان ٿو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا امن ۽ سلامتي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهيا آهن، صدر ٽرمپ جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ مضبوط ڀائيوار مليو آهي.

مَي 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو