ڀارت کي چيو هو اڳرائي نه ڪري، دشمن کي گهر ۾ گهڙي ماريو آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڀارت جي حملي ۾ پاڪستان جو نقصان نه هئڻ برابر آهي، اسان شروعات نه ڪئي، پر هن ڀيري اڳرائيءَ جي جواب ۾ ڀارت ۾ گهڙي ڪارروائي ڪئي وئي.
نجي ٽي وي ڳالهائيندي عطا الله تارڙ چيو ته گذريل رات ڀارت جو حملو بزدلاڻو هو، اسان پهرين 5 رافيل جهاز ڪِيرايا ۽ پوءِ دشمن جا ڊرون به تباهه ڪيا، ڀارت جون ڪيتريون ئي چوڪيون ۽ ايئرفيلڊز کي سخت نقصان پهتو آهي.
وفاقي وزير چيو ته اسان شروعات نه ڪئي، پر هن ڀيري جڏهن ڀارت جارحيت ڪئي ته اسان سخت جواب ڏنو، هنن جا لٿل چهرا، دٻيل آواز ۽ ڪريل مورال پاڻ ٻڌائي رهيا آهن ته کين ڪيترو وڏو نقصان رسيو آهي.
عطا الله تارڙ چيو ته اسان اڳ ئي چيو هو ته اسان تيار آهيون، آزمايو نه اسان سفارتي سطح تي به ڪيترن ئي ملڪن سان رابطن ۾ رهياسين، ۽ اسان جي جوابي حملي کانپوءِ ڀارت کي تمام وڏو نقصان پهتو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ميڊيا جيڪو ڪالهه تائين شور ڪري رهيو هو، اڄ بلڪل خاموش آهي، پاڪستان جي فوج هر محاذ تي ڀارت کي سخت جواب ڏنو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت وٽ نه ته سٺا پائيلٽ آهن ۽ نه ئي انهن جا ڊرونز ڪو خاص نقصان رسائي سگهن ٿا.