ڀارتي ميڊيا ”قومي ساکَ“ کي ڌڪ رسايو، هنن ملڪ ” مذاق“ بڻائي ڇڏيو آهي: سوناڪشي سنها

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها ڀارتي ميڊيا طرفان پاڪستان بابت ڪوڙين خبرن تي سخت ردعمل جو اظهار ڪندي انهن کي ”مذاق“ قرار ڏئي آهي.
گذريل ڏينهن ڀارتي ميڊيا اها ڪوڙي خبر هلائي هئي ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۽ ڀارت جي ٻين علائقن تي حملا ڪيا آهن، جڏهن ته پاڪستان طرفان فوري طور اهڙين دعوائن جي ترديد ڪئي وئي هئي.
ڀارتي ميڊيا رڳو اتي ماٺ نه ڪئي پر پاڻ ۾ ئي ”فِيڪ نيوز“ جي مقابلي ۾ لڳي وئي. آءِ ٽي وي، ٽائيمز نائو، انڊيا ٽي وي يا ريپبلڪ ٽي وي هر چينل پاڪستان خلاف حملي جون ڪوڙيون ۽ بي بنياد خبرن جي هڪٻئي کان ٻه قدم اڳتي وڌندي رپورٽنگ ڪئي وئي.
حقيقت اها آهي ته ڀارتي ميڊيا جعلي وڊيوز ۽ بي بنياد رپورٽن سان عوام کي ڀڙڪائيندو رهيو، پر رات ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ميڊيا جي خبرن جي حقيقت وائکي سامهون اچي وئي ۽ ڀارتي عوام پاڻ ئي سوشل ميڊيا تي اهڙي قسم جي دعوائن جا ثبوت گهُرڻ لڳو.
ان صورتحال تي ردعمل ڏيندي بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها به ڀارتي ميڊيا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته ”اسان جا نيوز چينل هاڻي مذاق بڻجي چڪا آهن، مان انهن جي ڊرامائي منظرن ۽ مسلسل رڙين دانهن مان تنگ اچي وئي آهيان، ميڊيا کي سمجهڻ گهرجي ته اهي گوڙ مان ڇا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا؟“
سوناڪشي وڌيڪ چيو ته ” عوام کي ڊپ ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ افراتفري پکيڙڻ بند ڪريو، نيوز جي نالي تي بڪواس ڏسڻ بند ڪيو.“
ٻئي پاسي ڀارتي عوام به پنهنجن نيوز چينلن تي ڇتي تنقيد ڪئي، جتي ماڻهن چيو ته ڀارتي ميڊيا ڪوڙ جي بازار بڻجي چڪي آهي، انهن قومي عزت کي ڌڪ رسايو آهي ۽ صحافتي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن اهو به سوال اٿاريو ته اهڙن ميڊيا ادارن کي قانون جي گهيري ۾ ڇو نٿو آندو وڃي.

مَي 10, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو