هوائن جو معرڪو – 7 مئي جي ڊاگ فائٽ ۾ نئين تاريخ جو جنم….
7 مئي 2025، پاڪستان جي فضائي دفاع لاءِ نه رڳو هڪ آزمائش جو ڏينهن هو، پر فتح، حڪمت عملي، حوصلي ۽ قومي غيرت جو تاريخي اظهار پڻ. ان ڏينهن، دنيا ان لمحي جي شاهده رهي جڏهن ڏکڻ ايشيا جي ٻن ايٽمي طاقتن وچ ۾ هڪ اهڙي ڊاگ فائٽ ٿي، جنهن جو مثال عسڪري تاريخ ۾ نه ملي ٿو. هي رڳو ڪجهه منٽن جي مناوشات نه هئي، پر مسلسل 59 منٽن تائين جاري رهندڙ هوائي جنگ هئي، جيڪا ٽيڪنيڪل لحاظ کان، حڪمت عملي جي سطح تي ۽ قومي جذبي جي معيار تي هڪ شاهڪار بڻجي وئي.
ڀارتي فضائيه، پنهنجي نئين حڪمت عملي تحت، اسٽريٽجڪ اسڪواڊرن سميت رافيل، ايس يو-30 ۽ مگ سيريز جي جهازن سان پاڪستان جي فضائي حدن ۾ دراندازي جي ڪوشش ڪئي. انهن جو مقصد صرف فضائي سگنل ڏيڻ نه، پر پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي للڪارڻ، هڪ نئين سطح جي هوائي برتري جو ڏيک ڏيڻ ۽ شايد مستقبل جي جارحيت لاءِ ميدان ٺاهڻ هو. پر پاڪستان ايئر فورس، پنهنجي تاريخي ورثي، جديد تيارين ۽ بي مثال عزم سان اهڙو جواب ڏنو، جيڪو دشمن لاءِ رڳو ناڪامي نه، پر سبق بڻجي ويو.
جڏهن پاڪستاني فالڪنز، جن ۾ جي ايف-17 ٿنڊر بلاڪ 3 ۽ ايف-16 فالڪن شامل هئا، بيونڊ ويزوئل رينج (BVR) ڪلنگ زون ۾ دشمن کي ڦاسايو، ته ان لمحا جنگ جو رخ طئي ٿي ويو. اسان جي جهازن دشمن تي ريڊار لاڪنگ ڪئي، انهن جي حرڪتن کي اڳواٽ پڙهي، ۽ ميزائلن جي ذريعي اهڙو نشانو ورتو، جتي دشمن جا رافيل نه صرف تباهه ٿيا، پر سندن سڄي حڪمت عملي بي نقاب ٿي وئي. ٽي رافيل جهاز، جيڪي سکيلپ ڪروز ميزائل، AESA ريڊار ۽ جديد اليڪٽرانڪ وارفيئر سان ليس هئا، پاڪستاني ٿنڊرن جي هٿان تباهه ٿي ويا. جنگ دوران ريڊار جامنگ، اليڪٽرانڪ ڪائونٽر ميژرز، ۽ نيٽ-سينيٽرڪ جنگ جي مڪمل صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ويو. اهو رڳو دفاع نه هو، بلڪه هڪ نئين نسل جي هوائي جنگ جو مظاهرو هو، جتي دشمن کي بصري حد کان پري ئي شڪست ڏني وئي.
اهو منظر، ڪيترن لاءِ، 1965ع جي ايم ايم عالم جي ڪارنامي جي ياد ڏياريندڙ هو، جڏهن هن هڪ ئي مشن ۾ پنج ڀارتي جهازن کي صرف 30 سيڪنڊن ۾ زمين بوس ڪري ڇڏيو هو. هو هڪ علامت بڻجي ويو هو پاڪستاني شاهينن جي مهارت، جرئت ۽ تيزيءَ جو. 7 مئي 2025 تي، اها ساڳي روح، ساڳي بهادري، ۽ ساڳي حڪمت عملي ٻيهر فضائن ۾ گونجي.
هي معرڪو رڳو مشيني جنگ نه هئي، بلڪه جذبي، اتحاد ۽ قومي عزم جو مظاهرو هو. پاڪستاني فالڪن نه رڳو دشمن کي پنهنجي “دفاعي مداخلت واري علائقي” ۾ نشانو بڻايو، پر هڪ اهڙي اسٽريٽجڪ غير جانبداري جو مثال پڻ قائم ڪيو، جيڪو جديد فضائي جنگي حڪمت عمليءَ ۾ هڪ نئين باب جي حيثيت رکي ٿو. دشمن جي طرفان فائر ڪيل هڪ به ميزائل پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هر ايندڙ خطري جي اڳواٽ نشاندهي، روڪٿام ۽ تباهيءَ لاءِ هڪ مضبوط دفاعي ڍال تيار هئي.
عالمي فوجي ماهرن، چيني ۽ روسي تجزين نگارن کان وٺي مغربي دفاعي ٿنڪ ٽينڪن تائين، هن جنگ کي “مشرق جو ٽيڪٽيڪل ماسٽر ڪلاس” قرار ڏنو آهي. پاڪستان نه رڳو پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪئي، پر هڪ دفعو ٻيهر ثابت ڪيو ته هو جديد دنيا جي ڪنهن به فضائي فوج سان مقابلي جي سگهه رکي ٿو. هي فتح صرف فوجي نه، پر قومي سلامتي، حڪمت عملي ۽ فضائي بالادستي جو اظهار هئي.
اڄ، جڏهن دنيا هڪ نئين سرد جنگ، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نئين خطري جي دور مان گذري رهي آهي، پاڪستان جي هيءَ فتح اهو ثابت ڪري ٿي ته اسان جو دفاعي نظام نه رڳو تيار آهي، پر پنهنجي ورثي سان وفادار به. اهو ورثو، جيڪو ايم ايم عالم، راشد منحاس، سرور شهيد ۽ ٻين بهادرن جي قربانين سان جڙيل آهي.
اسان جي لاءِ هاڻ وقت آهي ته ان جذبي کي رڳو جنگ تائين محدود نه رکجي، پر امن، ترقي، ۽ خطي جي استحڪام لاءِ استعمال ڪجي. ڇو ته حقيقي فتح صرف دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ نه، پر خطي کي جنگ کان بچائڻ جي صلاحيت ۾ هوندي آهي.