مٺياڻي: پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتيءَ جو اظهار، انڊين فلمن ۽ پراڊڪٽس جي بايڪاٽ جو اعلان
مٺياڻي رپورٽ: (رانا غلام سرور) پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي PESS ۽ سول سوسائٽي مٺياڻي ٽائون ضلعو نوشھروفيروز سندھ طرفان وطن عزيز پاڪستان پر امن ملڪ تي اسلام دشمن قوتن جي شڪل ۾ نجس مودي جي شڪل ۾ لاڳو ڪيل جنگ خلاف ، ملڪي دفاع ۾ پاڪستان فوج سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ملت ۽ قوم جي طرفان مرڻ گھڙي تائين پاڪ فوج سان بيھڻ جو واعدو. ڪيو.
ريلي جي اڳواڻن مٺياڻي ٽائون صدر ريٽائر صوبيدار محمد يونس ريٽائر نائب صوبيدار پنھل علي چانڊيو ريٽائر نائب صوبيدار پير بخش کوکر منور علي سولنگي حوالدار محمد موسا چانڊيو لانس نائيڪ امان الله مشوري لانس نائيڪ محمد پرويز مشوري رانا محمد اختر راجپوت ۽ ٻيا ڪيترائي شامل ھئا.
ريلي ۾ شريڪ مھمان علامه حب علي خطاب ڪندي سول سوسائٽي جي تمام ذمه دارن کي پاڪستان جي ازلي ۽ مڪار دشمن انڊيا جي فلمن ۽ ھر قسم جي پراڊڪٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آھي ، ۽ مودي صرف جنگ لفظ سکيو آھي پر جنگ جي اندازن کان واقف ناھي پاڪستاني قوم ايماني.ايٽمي.ڪيميائي طاقت سان ليس آھي ريلي ۾ اعلان ڪيو ته ملڪ جو هر فرد سرحدن تي موجود محافظن سان گڏ آھي ۽ ساھ جي آخري دم تائين گڏ ھوندا ،
ريلي پنھنجي طئي ٿيل روٽن کان ٿيندي جيڪا مٺياڻي جي مين چوڪ کان ٿيندي ٺاروشاھ چوڪ تي پاڪستان زندھ باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جي نعرن سان اختتام پذير ٿي.
مَي 10, 2025