سڪرنڊ: غلام قادر چانڊيو جي سياسي، سماجي خدمتن تي شاندار تقريب، جنم ڏينهن جي موقعي تي عزت افزائي
سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) نيشنل پريس ڪلب جي سرواڻ غلام قادر چانڊيو صحافتي مڃتا طور ” شام جو هي پهر نانءُ اسان جي ڪيو “ جي عنوان هيٺ سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن عيوض الائنس جي چيرمين آفتاب چانڊيو جي ميزبانيءَ هيٺ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي شخصيتن شرڪت ڪئي
جن ۾ ايس يو پي جي ايوب کوسو پرائم ميڊيا جي شبير احمد راجپوت ايس ٽي پي جي حسين بخش ڪيريو عابد ڀٽي مور چانڊيوسوشل ورڪر نياز لاشاري ۽ ٻيا هئا جن غلام قادر چانڊيو جي زندگيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي چوڻي آهي ته انسان کي موت آهي پر ڪردار کي موت ناهي اسين سمجهون ٿا ته غلام قادر چانڊيو انهن زنده ڪردارن مان آهي جو اڄ کيس سندس موجودگيءَ ۾ ساراهيو پيو وڃي
هنن چيو ته اسان غلام قادر چانڊيو کي هميشه هاڪاري ڪردار هئڻ سان گڏ کيس هر وقت سنڌ لاءِ سوچيندي ۽ لوچيندي ڏٺو آهي هن صحافت کي مظلوم جي خدمت ڪندي هتان جا مئسلا ايوانن تائين پهچايا ۽ سنڌ تي جڏھن به ڪا رياستي نا انصافي ٿي آهي ته اسان کيس مزاحمت ڪندي ڏٺو آهي تازو سنڌوءَ مٿان اڏجندڙ ڇهن ڪئنالن واري مسئلي تي پڻ سندس ڪردار ساراھ جوڳو رهيو: ان موقعي تي صاحب محفل غلام قادر چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته سڀ کان پهرين ته مان شڪر گذار آهيان پنهنجي وڏي آفتاب چانڊيو جو جن مان ڏئي .
عزت بخشي ، محبتي ميڙي ڪچهريءَ جو موقعو فراهم ڪيو هن چيو مان صحافت ڪنڊن جي سيج سمجهي هتان جامئسلا ايوانن تائين پهچايا آهن هر اشو تي نمايا ڪردار ادا ڪيو آهي ظالم خلاف جنگ ڪئي آهي ۽ مون ۾ سنڌ جو عشق سمايل آهي
ان ڪري جڏھن به سنڌ ڌرتي يا سنڌي قوم تي ڪو ڏکيو وقت اچي ٿو ته تڪليف ٿئي ٿي تازو جڏھن ڪئنالن وارو مسئلو اٿيو ته ٽي ڏينهن ٽي راتيون ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران آيل مهمانن پاران غلام قادر چانڊيو کي لنگين ، اجرڪن ۽ هارن جا تحفا پيش ڪيا ويا ان کان اڳ الائنس جي چيرمين آفتاب چانڊيو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو آخر ۾ غلام قادر چانڊيو جي جنم ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو .
مَي 10, 2025