دادو: غريب عورت ۽ معصوم ٻارن جي مدد لاءِ روزينا جتوئي ۽ مخير شخص جو دلسوز قدم
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو شھر ۾ 5 معصوم ٻارڙن جي ماءُ جنهن جو مڙس فوت ٿي چڪو آهي عورت عدد ۾ ويٺل آهي، سندن گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه هئڻ سبب سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهي هئي، خلق خدمت آرگنائيزيشن جي سي او سماجي اڳواڻ ميڊم روزينا جتوئي سندن گهر پھچي وئي،
هڪ مخير سندن گهر ۾ کائڻ پيئڻ جو سيدو سامان پھچايو آھي، معصوم 5 نياڻين ۽ بيوھ عورت مخير شخص ۽ ميڊم روزينا جتوئي کي دعائون ڏنيون، روزينا جتوئي جو چوڻ هو ته غريب لاچار ماڻهن جي خدمت تي يقين رکان ٿي،
بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان روح کي راحت ملي ٿي، هن گهر جي جيتري مدد ٿي سگهي ڪئي ويندي، هن گهر جون گهڻيون ضرورتون آهن، انسانيت جي خدمت عين عبادت آهي،
مَي 10, 2025