چيني ميمرز ڀارت جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لڳا، جنگي جهاز ” رافيل“ جي ڪِرڻ تي جهمريون، وڊيو وائرل

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني ميمرز ڀارت جي ڦٽن تي لوڻ ٻڙڪڻ لڳا ۽ هنن پاڪستاني فوج هٿان ڀارت جي رافيل جهازن جي ڪِڙڻ تي طنزيه گيت ٺاهي ورتو آهي.
سوشل ميڊيا تي ڪجهه چيني ميمرز جي هڪ ٽِڪ ٽاڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
وڊيو ۾ چار چيني ميمرز کي ڀارت جي جنگي جهازن ”رافيل“ جي ڪِڙڻ ۽ ان جي نقصان بابت ٺاهيل طنزيه گيت تي جُهمر هڻندي ڏسي سگهجي ٿو.
وائرل وڊيو ۾ چيني ميمرز ڀارت گيٽ اَپ ۽ ڀارتي گيت جي ڌُن تي نچندي ڀارتي دعوائن تي ٺٺول ڪندي نظر اچي رهيا آهن.