ڄامشورو ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي لاءِ ريلي ڪڍي وئي
ڄامشورو ( رپورٽ: محمد وارث) ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا جي اڳواڻي ۾ اڄ هڪ ڀرپور يڪجهتي ريلي منعقد ڪئي وئي،
جنهن جو مقصد پياري وطن جي محافظ پاڪ فوج سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪرڻ هو.ريلي ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي آفيسرن، سول سوسائٽي، شاگردن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙن قومي جهنڊو کنيو، ملڪ سان محبت جو اظهار ڪيو، ۽ پاڪستان فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته پاڪستان فوج اسان جي سرحدن جي محافظ ۽ قومي سلامتي جي ضامن آهي.
سڄي قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺي آهي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي رهندي ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇنگا چيو ته پاڪستان جي ترقي، امن، امان ۽ سالميت ۾ پاڪ فوج جو ڪردار ناقابل فراموش آهي.
ڄامشورو جا شهري اڄ پنهنجي پيار ۽ اعتماد جو اظهار ڪندي هڪ مثبت پيغام موڪلي رهيا آهن.ريلي جي آخر ۾، ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ پاڪستاني هٿياربند فوج جي ڪاميابي لاءِ دعا پڻ گهري وئي.
مَي 9, 2025