ڀارتي فوج جي شڪست کانپوءِ ايل او سي تي فائرنگ، پنج شهري شهيد

ڀارتي فوج شڪست کانپوءِ لائن آف ڪنٽرول تي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ لڳي: سيڪيورٽي ذريعا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج هجيره، فارورڊ ڪهوٽا ۽ کوئي رٽا ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو.
سييڪيورٽي ذريعن موجب، ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ سبب 5 شهري شهيد ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج شهري آباديءَ تي ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ ڀارتي فوج جون توپون خاموش ٿي ويون آهن.