پلهگام حملو: مودي سرڪار جي خوني اليڪشن راند؟

Spread the love

پاڪستان جي مختلف شهرن تي ٿيل ڊرون حملن ۽ پلهگام واقعي جي پسمنظر ۾ ڏکڻ ايشيا هڪ ڀيرو ٻيهر خطرناڪ سياسي ۽ فوجي تڪرار جي ور چڙهي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا ۽ مودي سرڪار جي طرفان انهن واقعن کي بنياد بڻائي پاڪستان خلاف الزام تراشي جي مهم، حقيقت ۾ خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي چونڊ مهم لڳي ٿي.

اهو وقت ڀارت ۾ چونڊن جو آهي، جتي نريندر مودي جي اڳواڻي ۾ بي جي پي حڪومت عوامي همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ رت جي راند کي استعمال ڪري رهي آهي. پلهگام حملو به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي ٿو لڳي، جتي فوجي جوانن جي قربانين کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ماضي وانگر هن ڀيري به پاڪستان تي الزام هڻي، مودي سرڪار ووٽرن کي جنگي جنون جي لهر ۾ آڻي سياسي فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

پاڪستاني حڪومت ۽ فوج جنهن سنجيدگي، تدبر ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو چٽو ثبوت آهي. آءِ ايس پي آر ۽ حڪومت طرفان ٿيل پريس ڪانفرنسن ۾ واضح پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان امن جو خواهشمند ملڪ آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.

ڀارتي حڪومت جو رويو اهو ظاهر ڪري ٿو ته هو پنهنجي اندروني مسئلن، مهانگائي، بيروزگاري ۽ اقليتن سان ناانصافين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ دشمن تراشي جي پاليسي تي هلي رهي آهي. هن ڀيري به پلهگام جهڙو واقعو چونڊ مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ، مودي سرڪار جي سياسي اخلاقن تي وڏو سوال آهي.

عالمي برادري کي گهرجي ته اهڙن واقعن جو غيرجانبدار جائزو وٺي ۽ خطي جي امن خلاف ٿيندڙ چونڊ مهم جو سخت نوٽيس وٺي. پاڪستان کي به سفارتي سطح تي چست ۽ سرگرم رهندي، عالمي ضمير کي جھنجوڙڻ گھرجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪا به حڪومت سياسي مفاد خاطر جنگي ماحول پيدا ڪرڻ جي جرئت نه ڪري.

مَي 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو