مٺي : ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي حق ۽ ڀارتي جارحيت جي خلاف ريلي
مٺي(ڊ-ر) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي حق ۽ ڀارتي جارحيت جي خلاف ريلي ڪڍي پاڪ فوج زنده باد پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ويا،
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پاڪ فوج تي فخر آهي جنهن دشمنن جا جهاز تباھ ڪندي دشمن ملڪ جو غرور ختم ڪيو، اسان جي ملڪ پاڪستان ڏانهن ڪنهن به ميري اک سان ڏٺو ته ان کي دنيا جي نقشي تان مٽائي ڇڏينداسين، پاڪستان جي قوم پاڪ فوج سان هر وقت گڏ آهي،
اسان کي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ اچي ٿو ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ جان قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته اسان کي پنهنجي جان کان وڌيڪ ملڪ عزيز آهي ان جي حفاظت لاءِ فوج سان گڏ آهيون ۽ رهنداسين.
ان موقعي تي ايس ايس پي ٿرپارڪر عادل ميمڻ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر فريد حنيف سميت تعليم، پاپوليشن، صحت،پوليس کاتي ۽ سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن، اسڪول جي شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مَي 9, 2025